پهريون ڀيرو چين جي ڪنهن به حصي مان ڪورونا جو نئون ڪيس سامهون نه آيو

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ پهريون ڀيرو سڄي ملڪ جي ڪنهن به حصي مان ڪورونا وائرس جو نئون ڪيس سامهون ناهي آيو.

اهو خطرناڪ وائرس گذريل سال ڊسمبر ۾ چين جي شهر ووهان مان پکڙيو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ ووهان ۾ ڪورونا جا نوان ڪيس ظاهر نه ٿيڻ جو ٻڌايو ويو هو پر هاڻ پهريون ڀيرو سڄي چين ۾ ڪورونا جو ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو.

هوڏانهن لاطيني آمريڪي ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ نوٽ ڪئي پئي وڃي.

برازيل ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 3 لک 30 هزار ٿي ويو آهي، جڏهن ته 21 هزار فوت ٿي چڪا آهن.

اهڙي ريت ڪولمبيا، پيرو، چلي ۽ ايڪواڊور ۾ به ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.