ٺل ۾ قتل ٿيل قائم الدين سرڪي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

ٺل (رپورٽر ) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي 10 مهينا اڳ قتل ٿيل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي ٻرڙو ۽ طالب حسين ٻرڙو ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال الدين جوش ٻرڙو جي مٿان حملو ڪندڙن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ شهري گذريل 10 مهينن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن،ڪالهه جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران 281 هين ڏينهن به قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو جي مٿان حملي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ لاڪ ڊائون سبب خاموش احتجاج ڪيو ويو،مظاهرين پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جمال الدين جوش ٻرڙو،ريمبو ۽ ٻين چيو ته 10 مهينا اڳ شڪارپور سوئيٽس بيڪري مالڪ ۽ ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي کي قتل ڪيو ويو پر افسوس جو هن مهل تائين ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ پوليس ڪوبه ڪردار ادا ناهي ڪيو ويو،جنهن بعد جوابدار ڌمڪائڻ بعد حملا ڪري رهيا آهن،هنن چيو ته ايس يو پي جي ضلعي صدر جوش ٻرڙو جي گهر مٿان جوابدارن پاران حملو ڪيو ويو پر افسوس جو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي،جوابدار آزاد گهمندا رهن ٿا پر پوليس انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن ۽ جمال جوش ٻرڙو مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.