ڪراچي ۾ هوائي جهاز جو دل ڏاريندڙ حادثو

لاهور کان ڪراچيءَ ايندڙ پي آءِ اي جي اڏُام نمبر 8303، جنهن ۾ 90- مسافر ۽ عملي جا 8- اهلڪار شامل هيا، ڪراچي ائرپورٽ لڳ تاريخ جي انتهائي بدترين حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي، واقع موجب پي آءِ اي جو ائربس 320- ايئرپورٽ لڳ ماڊل ٽائون واري رهائشي علائقي مٿان ڪري پيو جنهن ڪري علائقي ۾ انتهائي خوف ۽ حراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، فوري اطلاعن موجب جهاز ائرپورٽ تي لينڊنگ لاءِ جهاز جا ڦيٿا ٻاهر ڪڍڻ وارو عمل ڪيو پر فني خرابيءَ سبب جهاز جي فيٿا ٻاهر نڪري نه سگهيا ۽ نتيجي ۾ جهاز جون ٻئي انجڻون بند ٿي ويون ۽ حادثو پيش آيو، آخري اطلاعن تائين حادثي جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار 90 مسافرن ۽ عملي جي 8- اهلڪارن مان 54- ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جن ۾ اضافو جو امڪان آهي جو آخري اطلاعن تائين امدادي سرگرميون جاري هيون.

ملڪ جي هوائي حادثن جي تاريخ ۾ پي آءِ اي جي جهاز سان ٿيل هي حادثو پڻ هڪ المناڪ حادثُو آهي، ۾ انتهائي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن جنهن تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، هن موقعي تي اسان انهن سڀني سوڳوارن سان گڏ آهيون جن هن حادثي ۾ پنهنجا پرين پيارا وڃايا آهن.

حادثو پنهنجي جاءِ تي انتهائي المناڪ آهي پر اهڙي صورتحال جهاز جو هڪ رهائشي علائقي تي ڪري پوڻ وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏي ٿو آهي، اها خبر اطمينان جهڙي آهي ته رهائشي علائقي ۾ ڪو وڏو جاني نقصان نه ٿيو آهي، اها به اتفاق جي ڳالهه چئي تي جهاز ائپورٽ کي ڪجهه ئي لمحن جي اڏام تي هو ته کيس حادثُ پيش آيو، حادثي بعد جهاز کي باهه وڪوڙي وئي ۽ علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو، فوري طور تي امدادي ٽيمون ۽ ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ امدادي عمل پهچي ويو جنهن امدادي ڪارروايون ڪري زندهه بچي ويندڙن کي ۽ فوت ٿيلن کي فوري طور تي جهاز جي ڪٻاڙ مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن جهاز ۾ ڪنهن امڪاني ڌماڪي سبب انهن کي وڌيڪ ڪو نقصان نه پهچي، هاڻي جيستائين وڃي ڪا تحقيقات ٿئي ۽ حادثي جي اصل وجهه سامهون اچي تيستائين فوت ٿيل جي مڙهڻ کي انهن جي وارثن تائين پهچائڻ جا فوري بندوبست ڪيا وڃن، ان ڏس ۾ اسان سنڌ حڪومت هي پاران ڪراچي شهر جي سمورين سنڌ سرڪار ۽ جي اسپتالن سميت نجي اسپتالن ۾ پڻ ايمرجنسي لڳائڻ واري عمل جي ساراه ڪنداسين، ڪراچيءَ جون سموريون اسپتالون اڳ ئي ڪوڊ-19 ڪري دٻاءَ هيٺ آهن پر هن بدقست سانحي کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ تيار آهن.

حادثي کان فورن بعد سنڌ جي صهت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جناح پوسٽ گرجوئيٽ پهچي وئي ۽ هنگامي بنيادن تي زخمين جي علاج ۽ فوتين جي مڙهن کي محفوظ ڪرڻ جو هدايتون جاري ڪيو، سندس چوڻ هو ته حادثي ۾ فوت ٿيلن جي سڃاڻپ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ته جيئن انهن فوتين کي انهن جي وارثن جي حوالي ڪري سگهجي، سندس چوڻ هو ته ڪوڊ-19 ڪري جناح اسپتال جا ڊاڪٽر اڳ ئي هاءِ الرٽ آهن، جڏهن ته فوتين جي ڊي اين اي ٽيسٽنگ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو آهي.

برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب ته جهاز ايئرپورٽ کين ڪجهه ڪلوميٽر پري هجن دوران هڪ موبائ ڪمپنيءَ جي ٽاور سان ٽڪرائجي ڪري پيو هو، ٻئي پاسي هڪ ٻئي پرڏيهي اينجنسي اي پ جو چوڻ آهي ته جهاز لينڊنگ ڪرڻ کان اڳ تباهه ٿيو آهي، هڪ ٻئي ويب سائٽ لائيو اي ٽي سي ڊاٽ نيٽ موجب جهاز هڪ دفعو لينڊنگ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد ٻيهر لينڊن ڪرڻ جي ڪوشش دوران هوا ۾ چڪر لڳائيندو رهيو نتيجي ۾ ان کي حادثو پيش آيو، جڏهن ته هڪ ٻئي اطلاع موجب پائلٽ ڪنٽرول ٽاور کي اطلاع ڪيو ته اسان جي جهاز جا انجڻ بند ٿي ويا آهن، اسان جي مدد ڪئي وڃي. هُن مي ڊي مي ڊي مي ڊي جو اعلان پڻ ڪيو،

جهاز جي حادثي جي حوالي سان ڪيترائي متضاد بيان ۽ صورتحال سامهون اچي رهي آهي جنهن ڪري اهو ضروري ٿي ويو آهي ته پي آءِ اي جي انتظاميه حادثي جي بين الاقوامي معيارن موجب جانچ ڪرائي، حادثي جي اسل سبب جو تعين ڪري.

هن حادثي بعد مختلف حلقن پاران پي آءِ اي جي جهاز جي پراڻي ۽ غير معياري هجڻ متعلق ڪيترن ئي سوالن جنم ورتو آهي، ڇو جو جودوه حادثو به هڪ فني خرابيءَ جي ڪري پيش آيو آهي، تنهنڪري اسان اهو مطالبو ڪرڻ ۾ حق بجانب هونداسين ته پي آءِ اي کي پنهنجن جهازن جي فني ساک متعلق ميڊيا تي اچي عوام کي پنهنجي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ته جيئن عاوم کي اهو اعتماد ٿي وڃي ته پي آءِ اي جا جهاز ۽ عملو دنيا جي ڪنهن به سٺي ۽ شاندار هوائي ڪمپنيءَ کان گهٽ نه آهي.

اسان هن موقعي تي تي جهاز حادثي جي سمورن فوتين جي وارثن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيون ٿا ۽ ڌڻيءَ در دعا ڪيون ٿا ته انهن کي جنت ۾ جايون عطا ڪري ۽ پنهنجي ٻاجهه ۾ رکي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.