سنڌو نديءَ مان پاڻي جي چوريءَ جا پيرا کڻجن ٿا

پرهه سومرو

                         حصو آخري

وڏي سرڪار طرفان سنڌو نديءَ تي ڊيم اڏڻ جي رينگٽ جو مکيه مقصد اهوآھي ته سنڌي قوم کي ٿوري ۾ ٿوري پنهنجي حصي جي پاڻي کان به محروم ڪري کيس سڪائي،ساڙي،ڀور ڀور ڪري سندن وجود ئي ختم ڪري ڇڏجي۔

1919ع ۾ ،”گورنمينٽ آف انڊيا”،سنڌ ۽ پنجاب جي پاڻي واري تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي ڪميٽي جوڙي جنهن جو نالو”ڪاٽن ڪميٽي“ رکيو ويو۔ان ڪميٽيءَ فيصلو ڏنو ته:سنڌ  ۾ ٺهندڙ "سکر بئراج پروجيڪٽ”جا جيسيتائين نتيجا پڌرا نٿا ٿين تيسيتائين ڪو به نئون قدم نه کنيو وڃي۔

1935ع واري "انڊيا ايڪٽ” جي قلم 130 ۽ 131 سب سيڪشن (6)۾ اهو اُصول طئي ڪيو ويو ته جيڪي نديون هڪ کان وڌيڪ صوبن ۾ وهن ٿيون ۽ سڀ کان اهم ۽ مضبوط ڳالهھ اها آھي ته انهن آبادين جي گذرسفر جو ذريعو اها ندي ئي آھي ته ان حالت ۾ ڪنهن به صوبي کي اهو اختيار نٿو ٿي سگهي ته اهي ان پاڻيءَ جي ذخيري مان جيڪو عام ماڻهن جي گڏيل ڀلي لاءِ ڪتب ايندو هجي، تنهن بابت ڪنهن به صوبي کي جيڪي وڻيس سو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي”۔اهڙو فائدو جيڪو گڏيل بجاءِ انفراديت تي مبني هُجي، تنهن جي ڀلا حمايت ڪيئن ٿي ڪري سگهجي؟

پهرين به ذڪر ٿيل آھي ۽ تاريخ ۾ پڻ چٽي نموني ثبوتن ۽ اصولن سميت ڳالهھ واضح ٿي چڪي آھي ته پوڇڙ وارن علائقن جو درياھ تي پهريون حق آھي۔

سنڌو نديءَ سان سنڌ واسين جو هزارين سالن کان وٺي نينهن جو ناتو جڙيل آھي،هو پاڻ ۾ هزارن سالن کان ڏک ۾ هڪٻئي جا هڏ ڏوکي رهيا آھن ۽ انهن سنڌو نديءَ مٿان ڊئم اڏڻ ۽ پاڻي ڦٻائڻ واري سازش کي هر دؤر ۾ مڪمل طور رد ڪيو آھي۔اڄوڪي دؤر ۾ ڪهڙن به نالن سان ڊئم رٿائون جوڙيون وڃن، تن سمورين رٿائن کي سنڌي قوم هميشه جيان رد ڪري ٿي ۽ مستقبل ۾ به پنهنجي حصّي جي پاڻي چورائڻ وارين رٿائن کي رد ڪندي رهندي۔

موجوده صورتحال جو ڳوڙهي نموني جو جائزو وٺجي ته سنڌ هن وقت قيامت مثل گهڙيءَ ۾ پساھ پئي کڻي، تنهن مٿان وري تباهي، بربادي،ننڌڻڪائي ۽ ويڳاڻپ جو سج نيزي پاند اچي بيٺو آھي،ڪنهن هڪڙي مصيبت،آفت يا تباهيءَ جو خطرو هجي ته ان کي ٽارڻ جو ڪو جوڳو بندوبست يا مورچو ٺاهي ويڙھ جي تياري ڪجي۔

هن وقت سنڌ کي کَسي،ڦٻائڻ ۽ وسيلن تي قبضا ڪري سنڌين جا حق کسي کين پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي تين وال ڪرڻ ۽ جلاوطن ڪرڻ لاءِ ڪو هڪڙو ويري يا دشمن هجي ته تنهن سان منهن ڏيڻ لاءِ به اٿي بيهجي، پر هتي ته سنڌ کي هڙپ ڪرڻ لاءِچؤڦير ست منهيون بلاؤن وات پٽيون سازشون پيون رٿن۔اجگر جيڏي مهانگائي،

اٿاھ اڃ، بک ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري ٻچن جا وڪرا،آپگهاتَ،کُلم کُلا ديدادليريءَ سان ڪرپشن جي بازار عروج تي،ڏينهن ۽ رات جي اٺن ئي پَهرن ۾ ڦرون،ڌاڙا،اغواء،قبائلي قتلام،نياڻين جا ڪوس،اُبَھَم ٻارڙين سان اجتمائي لڄالٽ روز جو معمول بڻيل آھي۔

ماڻهن مٿان پنهنجي۽ پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ مائٽن جي جانين،عزتن ۽ آزادين مٿان خوف جو راڪاسي راڄ ڇانيل آھي،ماڻهو ڄَڻُ ته سوئرن ۽ بگهڙن جي گهيري ۾ گهيريل آھن،ڪروڙين ماڻهن جون حياتيون خوفناڪ خيال جيان بڻجي ويون آھن،ارغونن،ترخانن،مددخانن،نادرشاهن،

هلاڪوئن،هٽلري نازين جي بي رحم ۽ سفّاڪ زمانن جا ڀوائتا منظر ڄڻ اکين اڳيان پيا ڏسجن۔

هن وقت جڏهن لڳ ڀڳ پوڻا ٻه سؤ سالن جي مسلسل وڏن ڀائرن جي ڀلائيءَ سبب  پاڻيءَ جي کوٽ سنڌي قوم جو ذري گهٽ ساھ ڪڍي، کين سڪرات جهڙي حالت ۾  اچي بيهاريو آھي ۽ جڏهن برادري ۽ ھم وطني،توڙي انساني ھمدردي ۽ ماڻهوءَ جي ماڻھوءَ مٿان موت جي گهڙين ۾ رحم ۽ قياس جي تقاضا آھي ته سموري دنيا جون انسان دوست،رحم دل ۽جمهوريت پسند قومون،عوام،ملڪ ۽ ادارا سنڌ ۾ پاڻيءَ جي تيزيءَ سان وڌندڙ ڀيانڪ ڏڪار جي تدارڪ لاءِ ميدان ۾ لهي اچن ۽ سنڌ مان هٿرادو پاڻيءَ جِي کوٽ جو قهري دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ پنهنجا اخلاقي،سماجي،سياسي،جمهوري،سفارتي ۽ هر قسم جا اُپاءَ وٺڻ شروع ڪن۔

سنڌ ۽ سنڌي قوم کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت تباهي ۽ برباديءَ جي ور چاڙھي،دنيا جي نقشي تان ئي ميسارڻ جي کيپ کٽڻ مان اسان جا سنڌي توڙي پنجابي پهلوان حاڪم ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهين؟

ڇا!جيڪڏهن سنڌي قوم پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي مري وئي ته پنجابي ليڊر ۽ سندن فرمانبردار سنڌي ڀوتارن جي معتبري ائين ئي آسمان سان ڳالهيون ڪندي رهندي جيئن هاڻي ڪري رهي آھي؟

ڇا!جيئن بنگال کي تباھَ ڪرڻ جو ڪِيتو،سنڌ،بلوچستان،ڪي۔پي ڪي لوڙھيو هو ۽ سدائين لاءِ غلام بڻجي ويا،تيئن هن ڀيري پنجاب جو به وارو نٿو اچي سگهي؟

سنڌيءَ ۾ چوندا آھن ته: "رَبُّ رُسَي ته،مَتِّ کَسي،هَڻَي ڪونَه هَٿِيارُ”۔

ڇا!پنجابي ليڊرشپ لوھَ جي ٺهيل آھي جيڪا پنهنجي برادر قومن ۽ هم وطنن کي مختلف بهانن سان تباھ ۽ برباد ڪندي رهندي ۽ جنهن جو ان مٿان ڪوبه اثر نه پوندو؟

هر ڳالھه جي ڪا هڪ حد مقرر ٿيل هوندي آھي، منهن جي پڪائي،نڪ جي ڏاڍائي،بيحيائي،ارھ زورائي ۽ جمهوري سرڪاري دهشتگرديءَ جي حد هئڻ گهرجي۔

ڇا!اسان اٻوجهه ۽ اَڀِرن سَڀِرن سنڌي ماڻهن کي طمطراق ۽ مان شان وارن سڀرن ۽ سرواڻ پاڙيسرين کي ڪا خبر ڪونهي ته نديون ۽ ندين جو پاڻي رڳو پاڪستان ۾ ڪونهي، پر دنيا جي سوين ملڪن ۾ اهوئي نظام آھي۔

جيئن دنيا جي ٻين انساني ملڪيتن،زمينن،ٻيلن ٻنين،رستن ڳوٺن ۽ ملڪن جي مالڪي هوندي آھي ۽ مالڪيءَ جا مڃيل ۽ تسليم ٿيل قانون ۽ قائدا هوندا آھن جن کي اورانگهڻ سنگين ڏوھ ۾ شمار ڪيو ويندو آھي تيئن درياهن جي به مالڪي،ڀائيواري ۽ ورهاست وغيره جا تاريخي،عالمي ۽ آئيني طرح مڃيل ۽ تسليم ٿيل قانون هوندا آھن۔

هن ملڪ جي واڳ ڌڻين کي اهو ضرور پنهنجي ذھن ۾ رکڻ گهرجي ته توهان اقتدار ۽ طاقت جي نشي ۾ ڪالھ بنگال سان جيڪو ڪجهھ ڪيو تنهن جا ڀيانڪ نتيجا دنيا آڏو پڌرا پيا آھن ۽ پنهنجي طاقت جي غلط استعمال سان جيڪا تاريخ رقم ڪري دنيا اندر پنهنجي بدناموسي ڪئي اٿوَ، تنهن ملڪ ۽ عوام کي ڌار ڌار ڪري بيهاريو آھي۔رڳو هڪ صوبي جو اختيار ڌڻي بڻجڻ ٻين باقي وحدتن سان ٻه اکيائيءَ وارو روّيو خود توهان لاءِ ۽ ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو،اوهان کي اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته توهان پنهنجي اهڙين پاليسين ۽ سوچ جي ڪري رياست جون پاڙون پاڻ ئي کوکليون پيا ڪيو،جنهن جو الزام ٻين (سنڌين۽بلوچن تي)ڌرڻ بدران سڌو سنئون توهان تي ئي لڳي ٿو۔ائين نه ٿئي ته سڀاڻي ڪنهن به افسوسناڪ واقعي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل نفرت واري ماحول  ۾ عوام،ملڪ جي گڏيل وحدت خلاف ڪو سخت فيصلو ڪري ۽ تاريخ ۾ بنگال کان پوءِ هڪ ڀيرو وري توهان کي معافيون تلافيون وٺڻيون پون، تنهن ڪري عوام جي خاموشي ۽ ويڪائو ماڻهن جي ڪلهن تي چڙهي ان غلطفهميءَ ۾ رهڻ واڳ ڌڻين جي خلاف سٺو سنوڻ ثابت ڪو نه ٿيندو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.