ڄامشورو: ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪار مٿان ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت

عوامي آواز رپورٽ
ڄامشورو: ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪار مٿان ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت
عوامي آواز رپورٽ ڄامشورو: ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪار مٿان ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت

ڄامشوري ويجهو سپر هاءِ وي تي ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪار مٿان ڪرڻ سبب 4 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي .

ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪار مٿان ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪرڻ سبب محمد شهباز، محمد خالد، محمد عمر ۽ اعجاز احمد فوت ٿي ويا جڏهن ته شهزاد سخت زخمي ٿي پيو .

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس ٻڌايو ته فوتي ۽ زخمي ڪراچي کان لاهور پنهنجي مائٽن سان عيد ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿيا، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي جنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.