برازيل ۾ ڪورونا وائرس انتهائي تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو

 

برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيل ۾ ڪورونا وائرس انتهائي تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو.

برازيل جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران لڳ ڀڳ 20 هزار ماڻهن ۾ ان وائرس جي نشاندهي ٿي آهي، جڏهن ته وڌيڪ 888 شهري موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن.

ان لاطيني آمريڪي ملڪ جو صدر جيئر بولسونارو ڪورونا بحران دوران اڻپورن قدمن تي سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هوڏانهن سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سان متاثرن جو انگ 5 ملين (5 لک) تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 3 لک 28 هزارن کان وڌي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.