غوثپور: ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 8 ڄڻا زخمي

عوامي آواز رپورٽ
غوثپور: ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 8 ڄڻا زخمي
عوامي آواز رپورٽ غوثپور: ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 8 ڄڻا زخمي

غوثپور ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا

غوثپور ٿاڻي جي حد ميراڻي محلي ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهھ تان جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب غلام الله، ڪرم الله، عبدالقيوم سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي غوثپور اسپتال آندو جتي زخمين اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته زاھد ميراڻي، غلام حسين ميراڻي، راحب ميراڻي ۽ ٻين اسان جي عورتن جون تصويرون فيڪ آئي ڊي تي اپلوڊ ڪيون آهن جن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

ايس ايڇ او غوثپور غلام قادر جتوئي ٻڌايو ته ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فيسبڪ جي آئي ڊي تان جھيڙو ٿيو آهي جڏهن فريادي ايندا ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.