ڪورونا جي مرڪز ووهان ۾ جهنگلي جانورن جو گوشت کائڻ تي پابندي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا وائرس جو مرڪز چين جي شهر ووهان ۾ جهنگلي جانورن جو گوشت کائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ووهان ۾ سرڪراي طور تي جهنگلي جانورن جو شڪار ۽ انهن جو گوشت کائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪو قدم سائنسي تحقيق، وبائي مرضن ۽ ٻين حالتن کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو آهي.

هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ووهان ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٻيهر ڪورونا وائرس جي ڪيسن تي تصديق ٿي آهي.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي شروعات چين جي شهر ووهان ۾ قائم جهنگلي جانورن جي مارڪيٽ مان ٿي هئي، جتي چمڙن سميت ڪيترن ئي جانورن کي کپايو ويندو آهي ۽ شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهو وائرس چمڙن ۽ ڪوئن ذريعي انسانن ۾ منتقل ٿيو آهي.

چين جي اعليٰ قانون ساز ڪميٽي ملڪ ۾ وائلڊ لائف جي سموري واپار ۽ انهن کي خوراڪ طور استعمال ڪرڻ تي پابندي لاءِ غور ڪيو هو، جنهن کانپوءِ انهن جانورن جي خريد ۽ وڪري تي مڪمل پابندي لڳائي وئي هئي.

اڃا تائين اها تصديق ناهي ٿي سگهي ته ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جو اصل مقصد ڇا آهي، ان حوالي سان سائنسدانن جون مختلف اڳڪٿيون جاري آهن ته اهو چمڙن، پينگولن يا ان جهڙن ٻين جانورن مان پکڙيو.

ياد رهي ته چين جي مارڪيٽن ۾ چمڙي، نانگ، ڪرڙيءَ جهڙن جانورن ۽ جيئري بگهڙ جا ٻچا ملندا آهن، جن کي ماڻهو خوراڪ طور استعمال ڪندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.