کپرو: اغوا ڪيس ۾ گرفتار نوجوان جي قتل خلاف وارثن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
کپرو: اغوا ڪيس ۾ گرفتار نوجوان جي قتل خلاف وارثن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ کپرو: اغوا ڪيس ۾ گرفتار نوجوان جي قتل خلاف وارثن جو احتجاج

کپري ۾ واپاري جي اغوا ڪيس ۾ گرفتار نوجوان جي قتل خلاف وارثن ۽ علائقي واسين پاران احتجاج ڪيو ويو

کپري ۾ پوليس هٿان فل فراءِ ڪيل نوجوان اشرف ڪالوني جي رهواسي علي حيدر رونجهو جي والد مبارڪ رونجهو، اويس رونجهو، مبارڪ رونجهو ۽ ٻين جا اڳواڻ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي پوليس مقابلي ۾ ماريل علي حيدر رونجهو جي پيءُ مبارڪ رونجهو داهيندي چيو ته ست ڏينهن اڳ کپرو پوليس علي حيدر رونجهو کي گھران سڏي گرفتار ڪيو هو ست ڏينهن کان علي حيدر رونجهو جي آزادي جو اسرو ڏنو پئي ويو پر اچانڪ هن کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي هن چيو ته پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي نوجوان جو ڪو به ڪرمل رڪارڊ ناهي

ان موقعي تي علائقي واسين جو چوڻ هو ته پيرومل پوليس ۽  فل فراءِ جي  ماهر علڻ عباسي گرفتار نوجوان کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي

نوجوان جي وارثن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙي پوليس مقابلي جي جانچ ڪري ملوث اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو  …

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.