عمرڪوٽ: ڏهرڪي کان مهمان ٿي آيل ناري جي قتل جو انڪشاف

عوامي آواز رپورٽ
عمرڪوٽ: ڏهرڪي کان مهمان ٿي آيل ناري جي قتل جو انڪشاف
عوامي آواز رپورٽ عمرڪوٽ: ڏهرڪي کان مهمان ٿي آيل ناري جي قتل جو انڪشاف

عمرڪوٽ ويجهو ڏهرڪي کان مهمان ٿي آيل ناري کي قتل ڪرڻ جو انقشاف ٿيو آهي

ڏهرڪي جي ڳوٺ صاڀو فقير مان پنهنجي ماءُ ۽ مامي سومار مهر سان گڏ مهمان ٿي آيل ناري راڄان مهر کي گهر ڌڻي سليم منڱريو رات جو گهرن کان ٻاهر وٺي وڃي قتل ڪري ڇڏيو، ناري جي امڙ ۽ سندس مامين سومار مهر جو چوڻ آهي ته اسين گذريل ڏينهن عمرڪوٽ ويجهو  کلڙائي ۾ صالح فقير جي درگاهه تان زيارت ڪري واپس وڃي رهيا هئاسين ته روڊ تي سليم منڱريو مليو جنهن چيو ته اڄ منهنجي  گهر مهماني کائي وڃو اسان کي دوکي ۾ رکي اسان جي نياڻي کي رات جو گهرن کان پرتي وٺي وڃي قتل ڪري ڇڏيو آهي .. ايس او ٽي

هوڏانهن ڇور پوليس جوابدار سليم منڱريو کي گرفتار ڪري ورتو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.