پي سي بي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن کي ٽيڪائي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هلندڙ سال ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر جي پگهارن ۾ به واڌ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي هن سال ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن کي نوان ڪانٽريڪٽ نين پگهارن سان گڏ ڏيندو.

پي سي بي ذريعن موجب 192 ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن جي معاوضن ۾ نون ڪانٽريڪٽس ۾ 15 کان 40 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي، بجيٽ منظوري جي صورت ۾ اها واڌ 50 سيڪڙو تائين به ڪري سگهجي ٿي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گذريل سيزن ۾ جڏهن ڊوميسٽڪ اسٽرڪچر کي تبديل ڪيو هو ته 6 ريجنز ۾ فرسٽ اليون ۽ سيڪنڊ اليون ۾ شامل مجموعي طور تي 192 ڪرڪيٽرن کي 50 هزار رپيا ماهوار پگهار جا ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ ڏنا هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته واڌ کانپوءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن جي ماهوار پگهار 60 کان 75 هزارن تائين ٿي ويندي.

ذريعن موجب ڪرڪيٽرن جي ميچ فيس ۾ به واڌ ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ فرسٽ اليون جا ڪرڪيٽر ساليانو 25 لک کان وڌيڪ آمدني حاصل ڪرڻ لڳي ويندا.

پي سي بي پهرين 10 ڪرڪيٽرن کي اي پلس ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، اي پلس ۾ ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽس جا ٽاپ پرفارمر، انڊر 19 جا ٽاپ پليئر ۽ سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان محروم موجوده انٽرنيشنل ڪرڪيٽر به شامل هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.