ڪورونا ويڪسين ٺهڻ کان اڳ ئي ”ڪنهن کي ملندي“ تي جهيڙو شروع

 

فرانسيسي دوا ساز ڪمپني سنوفي جي سربراهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس خلاف ويڪسين سڀ کان اڳ ۾ آمريڪا کي فراهم ڪئي ويندي.

سنوفي جي چيف ايگزيڪيوٽو پال هڊسن جي ان بيان کانپوءِ نئين تڪرار ڪَر کنيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪووڊ 19 خلاف ويڪسين سڀ کان اڳ آمريڪي شهرين کي ملڻ گهرجي، ڇو ته انهن جي حڪومت ويڪسين جي تياري ۾ سيڙپڪاري ڪئي.

هڪ انٽرويو ۾ سنوفي سرفراز جو چوڻ هو ڇو ته آمريڪا پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ سيڙپڪاري ۾ اڳرائي ڪئي ۽ رسڪ کنئي، تنهن ڪري پهريون حق به انهن جو ئي آهي.

دوا ساز ڪمپني سنوفي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي اهڙي بيان جي نه رڳو فرانسيسي حڪومت پر ڪيترين ئي غير سرڪاري تنظيمن به سخت مذمت ڪئي آهي.

فرانس جي ناڻي کاتي جي نائب وزير موجب رڳو معاشي سبب بيان ڪري ڪنهن هڪ کي خاص ترجيح ڏيڻ قبولڻ جوڳي ڳالهه ناهي.

امدادي تنظيم آڪسفيم جي فرانسيسي شاخ به سنوفي جي ادارن جي مذمت ڪندي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هيءَ صورتحال ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏئي ٿي ته مستقبل ۾ به خطرناڪ مرضن جي علاج جي حوالي سان قانون سازي گهربل آهي ته جيئن ان جي منصفاڻي بنيادن تي سڄي دنيا ۾ ورهاست ٿي سگهي.

ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ موجوده توڙي اڳوڻن عالمي ليڊرن، طبي ماهرن ۽ اهم شخصيتن هڪ تحرير ۾ زور ڏنو آهي ته ويڪسين کي سڄي دنيا ۾ هر شخص لاءِ بنا معاوضي فراهم ڪيو وڃي.

واضح رهي ته سنوفي برطانيا جي ڪمپني گليڪسو سمٿ ڪلائن سان هڪ ويڪسين تي ڪم ڪري رهي آهي، في الحال ان ڀائيواري سان ٺهيندڙ ڪنهن امڪاني ويڪسين جا ڪلينيڪل ٽرائل به شروع ناهن ٿيا ۽ لاڳاپيل اهلڪارن جو چوڻ آهي ته جلد کان جلد به ڪا ويڪسين سال جي آخر تائين تيار ٿيندي.

ان منصوبي جي فنڊنگ گڏيل طور تي آمريڪي صحت کاتي طرفان به ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.