فيس بڪ مواد جي نگراني لاءِ سپريم ڪورٽ قائم ڪري ڇڏي

دنيا جي سڀ کان وڏي سوشل ويب سائيٽ فيس بڪ آخرڪار مواد جي نگراني ڪرڻ لاءِ خود مختيار باڊي جوڙيندي “سپريم ڪورٽ” جي طرز جهڙي اداري جو اعلان ڪري ڇڏيو.

فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ نومبر 2018ع ۾ اعلان ڪيو هو ويب سائيٽ مواد جي نگراني جي حوالي سان هڪ آزاد باڊي قائم ڪندي.

مارڪ زڪربرگ اعلان ڪيو هو ته امڪاني طور تي آزاڊي باڊي ۾ سڄي دنيا مان انساني حقن، ڊجيٽل رائيٽس جا ميمبر، سياستدان، قانوندان، اديب ۽ تاريخ دان شامل هوندا ۽ ان باڊي جي ميمبرن جو انگ 40 تائين رکيو ويندو.

خابرو اداري موجب فيس بڪ پاليسي ڊائريڪٽر بيرنٽ هارس اداري طرفان باڊي جو اعلان ڪندي 20 ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪيو .

فيس بڪ طرفان مواد جي نگراني لاءِ جوڙيل باڊي کي سوشل ويب سائيٽ جي سپريم ڪورٽ چيو پيو وڃي ۽ اها باڊي عدالت جيان ئي ڪم ڪندي ۽ ان باڊي جي فيصلن کي تسليم ڪرڻ ويب سائيٽ لاءِ لازم هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.