مائڪرو سافٽ جو نئون ليپ ٽاپ ۽ ٽيبليٽ متعارف

مائڪرو سافٽ پنهنجونئون ليپ ٽاپ سرفيس بڪ 3۽ سرفيس گو 2 ٽيبليٽ متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن جن سان گڏ سرفيس ايئربڊز، سرفيس هيڊ فونز 2، سرفيس ڊوڪ 2 ۽ يو ايس بي سي ٽريول هب به پيش ڪيا ويا آهن.

ڪمپني چيو آهي ته انهن نون ڊوائيسز جو مقصد ڪنهن به جاءِ تي پنهنجي مرضي جو ڪم ڪرڻ مدد ڏيڻ آهي.

سرفيس گو 2

اهو ڪمپني جو نئون ٽو ان ون ٽيبليٽ آهي جيڪو ڪمپجني جي ٻين ٽيبليٽس جي ڀيٽ ۾ گھڻو سستو آهي ۽ ان ۾ 10.5 انچ جي پڪسل سينس ڊسپلي ڏني وئي آهي.

ڪمپني موجب بيٽري لائيف اڳ کان بهتر ڪئي وئي آهي جڏهن ته انٽيل 8 جنريشن ڪور ايم پراسيسر موجود  اٿس.

ان کان سواءِ اسٽوڊيو مائيڪس ڊوئل مائڪرو فون سلوشن بهتر وائيس لاءِ ڏنو ويو آهي.

ٽيبليٽ جي فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي جنهن سان گڏ هڪ نئين ڪيمرا ايپ به آهي جنهن سان دستاويزن ۽ وائيٽ بورڊن کي اسڪين ڪري سگھجي ٿو جڏهن ته ان دوائيس ۾ سرفيس پين سپورٽ به  موجود آهي.

ان جي قيمت 399 ڊالر (63 هزا ر پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) رکي وئي آهي ۽ اهو 12 مئي کان آمريڪا ۾ دستياب هوندو.

سرفيس بڪ 3

 

سرفيس بڪ 3 ڪمپني جو پهريون کان وڌيڪ طاقتور ليپ ٽاپ آهي جنهن ۾ بيٽري لائيف کي اڳ کان بهتر ڪيو ويو آهي ۽ سنگل چارج تي  ساڍن 17 ڪلاڪن تائين ڪم ڪندي.

اهو ليپ ٽاپ 13 ۽ 15 انچ ڊسپلي وارن 2 روجنز ۾ دستياب هوندو جنهن ۾ 10 جنريشن انٽيل ڪور پراسيسر، جي فورس جي ٽي ايڪس يا آرٽي ايڪس جي پي يو ڏنا ويندا جڏهن ته طاقتور ورجن ۾ 32 جي بي ريم موجود هوندي.

ان جي قيمت 1599 ڊالر (2 لک 55 هزار پاڪستان رپين کان وڌيڪ) رکي وئي اهي ۽ اهو 21 مئي کان آمريڪا ۾ دستياب هوندو.

ان کان سواءِ سرفيس هيڊ فون 2، 249 ڊالرن، سرفيس ايئربڊز 199 ڊالرن، سرفيس ڊوڪ 2، 260 ڊالرن ۽ ٽريول هب 100 ڊالرن ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.