رڳو ڪرونا سان نه پر جياپي لاءِ به جنگ وڙهڻي پوندي

امتياز چانڊيو

اسان کان وڌيڪ غربت، بيروزگاري ۽ سهولتن جي اڻاٺ هجڻ وارو احساس ڪير ٻيو ڪيئن ٿو ڄاڻي سگهي، بک ۽ ڏک جو احساس ڇو به نه هجي، ميهڙ تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گهاڙي جي هڪ هاري گهراڻي ۾ منهنجو جنم ٿيو هو، اک کلندي ئي گهر اندر غربت جو راڪاس گهمندي ڏٺم، ڪچين سرن جا ٺهيل گهر ۽ گهر کي چوديواري بجاءِ ڊنگهرن جا لوڙها، سال ۾ لهندڙ ٻن فصلن سارين ۽ ڪڻڪ جي فصل کان سواءِ باقي الله جو آسرو ته خدا بکيو نه سمهارڻ جو واعدو ڪيو آهي، پاڻهي ڏيندو، اهو رڳو اسان جي گهراڻي جو حال نه هو پر سڄي ڳوٺ ۾ ايتري غربت هئي جو هونئن ته سال ۾ 12 مهينا ٿيندا آهن، پر هتي هڪ اهڙو به ڏکيو وقت ايندو هو، جنهن کي تيرهون مهينو سڏيو ويندو هو، جنهن ۾ نه ان نه پاڻي، غريب ماڻهو 5 روپين جو گهه، 5 روپين جا پٽاٽا، 2 روپين جا ڳاڙها مرچ وٺي ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ تي مجبور هوندا هئا. مجبور ٿي ڪيترائي ماڻهو وياجين جي رخ چڙهندا هئا ۽ وياجي وري مسڪين ماڻهن جي ابتي کل لاهيندا هئا، ايترو ته وياج لڳايو ويندو هو جو جڏهن فصل لهندا هئا ته سڄو فصل وياجي ميڙيو ويندو هو ۽ هاري ويچارو پوتي ڇنڊيون اچي گهر پهچندو هو، اڄ هتي اهو ذڪر ان ڪري ڪيم ته جيئن خبر پوي ته اسان واري طبقي جا ماڻهو جيڪي اڇي ڪپڙي جو ڀرم رکڻ لاءِ سڄي زندگي جاکوڙ ڪندا رهيا آهن، هن ڪرونا جي ڦهليل مصيبت ۾ سخت تڪليفن کي ته منهن ڏئي رهيا آهن، پر اسان کي انهن ماڻهن جو الڪو کايو ٿو وڃي، جيڪي هن بيماري ڪري پنهنجي جان بچائڻ خاطر مڪمل طور تي بيروزگار ٿي گهرن ۾ ويهي ويا آهن، اهي سڄي ڄمار لوڙڻ جي باوجود به هن وقت جڏهن بيروزگار ٿيا آهن ته ٻچن کي ٻه ويلا ماني به نٿا کارائي سگهن ۽ انهن وٽ هن وقت اها ئي غربت ۽ بيروزگار واري لهر ڇانيل آهي، جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، حڪومتي سطح تي انهن ماڻهن جي ڪا به واهر ناهي ڪئي وئي.

اڄ جيئن ئي آفيس اچڻ لاءِ گهران نڪتس ته سدائين مرڪون منهن تي ۽ ٽهڪ ڏيندڙ دوست رمضان ٿيٻو مليو، اڄ سندس منهن تي مرڪ نه هئي، پريشان هو ۽ گهر ٻاهران بيٺل پنهنجي انهن بسن کي ڏسي رهيو هو، جيڪي ڏيڍ مهيني کان بند ٿي سندس گهر آڏو زنگ کائي رهيون آهن، مون کانئس حال احوال ورتا، سندس 2 پٽ ۽ 2 ڀائر اهي قسطن تي ورتل بسون هلائي گهر جو گاڏو پيا هلائيندا آهن، بسون بيهڻ ڪري ڏيڍ مهيني کان 2 پٽ ۽ 2 ڀائر بيروزگار آهن ۽ پاڻ اداس پيو ڦرندو وتي. ان وقت مون کي اهو احساس پئي ٿيو ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي رمضان هوندا جيڪي بسون ۽ ويگنون هلائي پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا هئا، ڏهاڙي (ڀتو) تي ٽرانسپورٽ هلائيندڙ ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرن جو ڪهڙو حال ٿيو هوندو، جيڪي ڏيڍ مهيني کان گهرن ۾ بيروزگار ٿي ويٺا آهن ۽ اهي ته بکون ڪاٽي رهيا هوندا. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته “سر بچائڻ سنت آهي” پر هن وقت رڳو سر بچائڻو ڪرونا کان ناهي پر بک، بدحالي ۽ بيروزگار کان به سر بچائڻو پئجي رهيو آهي، گهر ۾ ويهي ڪرونا کان بچي سگهجي ٿو، پر پيٽ جي باهه ڪٿان وسابي جيڪڏهن روزگار جو ذريعو ئي نه رهندو ته جيئڻ جا گس بند ٿيندا ويندا.

اسان وٽ ته هونئن ئي غربت تمام گهڻي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ڪا شئي وٺڻ يا پٽن ۽ نياڻين جي شادي ڪرائڻ لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪري آهستي آهستي ويسيون رکي يا ٻئي طريقي سان پيا ڪجهه پيسو گڏ ڪندا آهن، پر هن وقت ڪرونا جي مصيبت ڪري اهي ماڻهو سالن کان پنهنجي گڏ ڪيل اها رقم جنهن مان هو اولاد جي شادي ڪرائين ها يا روزگار شروع ڪن ها ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگهن ها، اها رقم به گهر ويٺي خرچ ڪري کپائي ويٺا هوندا يا ماڻهو وياجين جي ورچڙهي ايترا ته قرض کڻڻ تي مجبور ٿي ويندا جو هو ڪيترن ئي سالن تائين انهن مان جان آجي نه ڪري سگهندا.

حڪومت ته لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان لاڪ ڊائون ڪري ڪرونا کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر هاڻي اهو سوال اٿي رهيو آهي ته آخر ڪرونا مان ڪيئن جان آجي ٿيندي جو ماڻهو وري پنهنجي معمول واري زندگي تي موٽي ايندا، ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪجهه ڪاروبار کوليا وڃن ته جيئن انساني زندگي وري پنهنجي رستي تي اچي سگهي ۽ بيروزگار ٿيل ماڻهو روزگار سان لڳي وڃن، پر سنڌ حڪومت اهڙي آرڊر کي نه مڃيو ۽ لاڪ ڊائون برقرار رکندي سمورا ڪاروبار بند رکڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، سنڌ حڪومت پنهنجي جاءِ تي صحيح به هوندي پر ايڏي وڏي لاڪ ڊائون کان پوءِ به ڪرونا تي ته ضابطو ناهي اچي سگهيو، روزانو جي بنياد تي ڪرونا جا ڪيس گهٽ ٿيڻ باوجود تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن ۽ گذريل ڏينهن ته حد ٿي وئي، 24 ڪلاڪن اندر سنڌ ۾ 340 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪو انگ سخت ڳڻتي جوڳو آهي، ڪرونا کي روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون ته بهتر عمل آهي، پر شايد اهو لاڪ ڊائون نتيجا ڏيندڙ ثابت نه پيو ٿئي، جيڪڏهن نتيجا ڏيندڙ هجي ها ته ڪرونا تي ضابطو اچي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته هن وقت صوبائي توڙي ٻين ملڪن سان ملندڙ سموريون سرحدون به بند پيون آهن ته پوءِ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جو مطلب آهي ته رڳو لاڪ ڊائون سان به ڪرونا جي روڪٿام نٿي ٿي سگهي. اها ته ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ته هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سال تائين لاڪ ڊائون ڪري سگهجي ٿو، نه اهو ممڪن ئي ناهي ته هڪ يا ڏيڍ مهيني کان وڌيڪ لاڪ ڊائون برقرار رکي سگهجي ٿو، ڇو ته سنڌ جي ماڻهن جون معاشي حالتون ايتري ڊگهي لاڪ ڊائون کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ئي نه ٿيون رکن، هاڻ ڪرونا نه ماڻهن کي بک ۽ بدحالي ماريندي ۽ مون کي ته ڊپ آهي ته ائين نه ٿئي جو بک ۽ بدحالي جا ماريل ماڻهو روڊن تي نڪري پون ۽ حڪومت لاءِ حالتون سنڀالڻ جهڙيون نه رهن، تنهن ڪري لاڪ ڊائون برقرار رکڻو آهي ته ڀلي رکو پر ماڻهن جي جياپي لاءِ به سوچڻ جي ضرورت آهي، رڳو ٽي وي تي ويهي اعلان ڪرڻ بجاءِ ماڻهن جي واهر ٿيڻ گهرجي، ڇا رڳو سرڪاري ملازم ئي انسان آهن جو حڪومت انهن کي وقت کان اڳ پگهار ڏئي ٿي، باقي ماڻهن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو وڃي ته اهي ڄاڻين ۽ خدا ڄاڻي. اسان جو عرض آهي ته ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙي ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي، جنهن سان انسان جي معمول واري زندگي به هلي ۽ ڪرونا سان به مقابلو ڪري سگهجي، حڪومت کي هاڻ ٻن پاسن جي چيلينجن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، هڪڙو ڪرونا سان مقابلو ۽ ٻيو غريب ۽ بيروزگار ٿيل ماڻهن جي جياپي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.