”توکي ڪورونا وائرس لڳي وڃي“ وڪيل جي جج کي پِٽَ

 

پنهنجي حق ۾ فيصلو نه ڏيڻ تي وڪيل جج کي پٽون پاراتا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ وڪيل خلاف توهين عدالت ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اهڙو واقعو ڀارتي شهر ڪلڪتي جي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش آيو، جتي پنهنجي حق ۾ فيصلو نه اچڻ تي هڪ وڪيل جج کي پِٽيندي چيو ته ”توکي ڪورونا وائرس لڳي وڃي“.

وڪيل جي اهڙي جملي کانپوءِ ڪاوڙيل جج ان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي.

جسٽس ديپانڪر دته عدالت جي وقار کي برقرار نه رکڻ ۽ معزز پيشي جي ميمبر طور ڪم نه ڪرڻ وڪيل کي نوٽيس موڪلڻ جي تاريخ جي 15 ڏينهن اندر توهين عدالت تحت جواب ڏيڻ جو چيو آهي.

هن اها به هدايت ڪئي ته موڪلن کانپوءِ عدالت کلڻ تي ان معاملي جي ٻڌڻي مناسب بئنچ ڪندي، جنهن کي مجرماڻي توهين عدالت جي ڪيسن جي ٻڌڻي جو حق هوندو.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب ڪلڪتا هاءِ ڪورٽ ۾ رڳو ضروري ڪيسن جي ٻڌڻي ويڊيو ڪانفرنسنگ ذريعي ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.