ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ 61 فوتگيون رڪارڊ، ڪيس 4206 ٿي ويا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 61 ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 4206 تائين پهچي ويو آهي.

سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب 61 فوتگين مان سڀ کان وڌيڪ 20 فوتگيون سنڌ ۾ ٿي چڪيون آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 18 ۽ پنجاب ۾ هن وقت تائين 17 فوتگيون ٿيون آهن.

ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ 3، بلوچستان ۾ 2 ۽ اسلام آباد ۾ 1 فوتگي ٿي آهي.

ڪورونا جي اڄوڪي ڪيسن جي صورتحال:

اڄ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا هن وقت تائين وڌيڪ 197 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن ۽ 6 فوتگيون به سامهون آيون آهن.

اڄ هن وقت تائين سنڌ ۾ 50 ڪيس ۽ 2 فوتگيون، پنجاب ۾ 104 ڪيس 2 فوتگيون، بلوچستان ۾ 6 ڪيس 1 فوتگي، خيبرپختونخواهه ۾ 27 ڪيس 1 فوتگي ۽ آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 10 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سنڌ:

سنڌ ۾ اڄ هن وقت تائين ڪورونا جا وڌيڪ 50 ڪيس سامهون آيا ۽ 2 فوتگيون به ٿيون آهن جنهن جي تصديق صوبائي ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪئي.

اهڙي طرح صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 1036 ٿي ويو آهي ۽ فوتگيون 20 تائين پهچي ويون آهن.

مرتضيٰ وهاب موجب صوبي ۾ وڌيڪ 11 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيل مريضن جو انگ 280 ٿي ويو آهي.

پنجاب:

پنجاب ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا هن وقت تائين وڌيڪ 104 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جنهن کان پوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 2108 ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ 2 فوتگين سان صوبي ۾ فوتين جو گڏيل انگ 17 ٿي ويو آهي.

پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر جي ترجمان موجب ڊي جي خان ۾ 220 زائرين، ملتان ۾ 457 زائرين، فيصل آباد ۾ 18 زائرين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته رائيونڊ مرڪز ۾ 455، شيخوپوره 10، منڊي بهاو الدين 3، سرگوڌا 16، وهاڙي 14، راولپنڊي ۾ 6، جهلم ۾ 10 تبليغي ميمبرن ۾ تصديق ٿي.

ان کان سواءِ ننڪانه ۾ 2، گجرات 9، رحيم يار خان 15، بکر 1، خوشاب 4، راجن پور 1، حافظ آباد 31، سيالڪوٽ 6، ليا 17، بهاولنگر ۾ 8 تبليغي ميمبرن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.

ترجمان ٻڌايو ته عام شهرين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس لاهور ۾ 340 آهن جڏهن ته ننڪانه 13، قصور 9، شيخوپوره 1، راولپنڊي 63، جهلم 30، اٽڪ 1، گجرانوالا 39، سيالڪوٽ 19، نارروال 6، گجرات 98، حافظ آباد 6، منڊي بهاو الدين 15، ملتان 4، وهاڙي 13، فيصل آباد 21، چنيوٽ 8، رحيم يار خان 3، سرگوڌا 6، ميانوالي 10، خوشاب 1، بهاولنگر 9، بهاولپور 3، لوڌران 3، ڊي جي خان 18، ليا ۽ اوڪاڙا ۾ 1-1 ڪنفرم مريض آهن.

پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر جي ترجمان ٻڌايو ته صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس مان 34 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه:

خيبرپختونخواهه ۾ اڄ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جي وڌيڪ 27 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ هڪ فوتگي ٿي جنهن جي تصديق صحت واري وزير تيمور خان طرفان ڪئي وئي.

صحت واري وزير موجب صوبي ۾ نون ڪيسن کان پوءِ ڪورونا وائرس مان متاثر ماڻهن جو انگ 527 ٿي ويو آهي جڏهن ته حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ ورسڪ سان تعلق رکندڙ 70 سالن جو مريض لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کان پوءِ فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 18 ٿي ويو آهي.

صحت واري وزير موجب فوت ٿيل شخص تازو ئي تبليغي مرڪز جو دورو ڪيو هو.

صحت واري وزير موجب خيبرپختونخواهه ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب گڏيل طور تي 70 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

بلوچستان:

بلوچستان ۾ به اڄ هن وقت تائين وڌيڪ 6 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ هڪ فوتگي به رپورٽ ٿي آهي جنهن سان صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 212 ۽ فوتگيون 2 ٿي ويون آهن.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي ڪيسن جي تصديق ڪندي چيو ته متاثر ماڻهن کي علاج جي لاءِ آئسوليشن وارڊز منتقل ڪيو ويندو.

لياقت شاهواڻي موجب بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيلن جو انگ 76 ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير ۾ اڄ هن وقت تائين ڪوروان وائرس جا وڌيڪ 10 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جنهن ۾ هڪ ڊاڪٽر به شامل آهي.

آزاد ڪشمير جي صحت واري وزير موجب ڀمڀر ۾ 6، ميرپور ۾ 3 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ هڪ ڊاڪٽر به ڪورونا مان متاثر ٿيو جنهن کان پوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 28 ٿي ويو آهي.

گلگت بلتستان:

گلگت بلتستان ۾ ڪالهه ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس سامهون آيوهو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 212 تائين پهچي ويو آهي.

گلگت ۾ موذي مرض مان متاثر 43 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڄڻا وفات ڪري چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.