جمال شاهه ۾ ڪورونا ۾ ورتل مريض جا گهرڀاتي قرنطينه منتقل

جمال شاھ(ن ع آ)تبليغي جماعت سان تعلق رکندڙ ڳوٺ انور علي ڏاھري جي رھواسي مظھر ڏاھري جنھن جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد کيس گذريل ڏينھن کان نواب شاھ جي پي ايم سي اسپتال ۾ قائم آئسوليشن وارڊ ۾ رکڻ بعد سندس گھر ڀاتين  کي پڻ گھر اندر قرنطينه طور رکيو ويو آھي، جڏھن ته پھري لاء سندن گھر ٻاھران پوليس پڻ مقرر آھي، رابطي ڪرڻ تي جمال شاھ ٿاڻي جي وڏي منشي امداد شر چيو ته تبليغي نوجوان مظهر ڏاھري جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ ايس ايس پي ضلع شهيد بينظير آباد تنوير تنيو جي حڪم تي اسان گهر ٻاهران موجود آهيون ته جيسين صحت کاتي جي ٽيم ٻين گهر جي ڀاتين جي اسڪريننگ وٺي، تيستائين ڪوبه ماڻهو هن گهر ۾ داخل نه ٿئي ۽ نه وري ٻاهريون ماڻهو اندر داخل ٿي سگهندو،جڏهن ته پوليس پاران جمال شاھ شھر ۽ آس پاس جي مختلف ننڍن وڏن اسٽاپن تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ڪرونا جو هڪ مريض ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ماڻهو پاڻمرادو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.