ٺري ميرواھه؛ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ٺري ميرواھه؛ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ٺري ميرواھه؛ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن جو احتجاج

ٺري ميرواھه ۾ سنڌ حڪومت پاران  اعلانيل راشن نه ملڻ خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٺري ميرواھه جي حسيني ڪالوني جي رهواسين  منظور حسين منڱڻھار، راشد علي راڄپر ۽  ٻين دانهيندي چيو ته لاڪ ڊائون سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آھيون مزدوري نه ملڻ ڪري معصوم ٻارن سميت ڦاڪاڪشي تي مجبور آھيون.

هنن چيو ته مختيارڪار ٺري ميرواھ آفيس ۾  ڪارڊن جون ڪاپيون  ڏيڻ باوجود هن وقت تائين راشن ناهن مليو.

رهواسين سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين راشن فراهم ڪري مايوسي ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.