بلوچستان ۾ ڪورونا جا 2 مريض صحتياب، هڪ ڊاڪٽر وائرس جو شڪار ٿي ويو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جا 2 مريض مڪمل صحتيابي کان پوءِ اسپتال مان ڊسچارج ڪيا ويا جڏهن ته هڪ ڊاڪٽر فرض جي ادائيگي دوران موذي مرض جو شڪار ٿي ويو.

بلوچستان جي حڪومت جي ترجمان ٻڌايو ته بلوچستان ۾ هڪ ڊاڪٽر فرضن جي ادائيگي دوران ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، ڪورونا وائرس جي مريضن سان رابطي ۾ رهندڙ ڊاڪٽر جي ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي جنهن کان پوءِ هن کي شيخ زايد اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان چيو ته ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ ۾ هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

هوڏانهن بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪوئيٽا جي شيخ زايد اسپتال ۾ علاج بعد 2 مريضن جي ڪورونا رپورٽ ناڪاري آئي آهي.

هن ٻڌايو ته ٻئي مريض صحتيابي کان پوءِ اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ جو گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.