ڪورونا وائرس بحران، فوتين جو انگ 21 هزارن کان وڌي ويو

 

ڪورونا وائرس جي نئين قسم سبب سڄي دنيا ۾ فوتين ۽ مريضن جو انگ وڌڻ جو سلسلو جاري آهي.

سڄي دنيا کي پريشان ڪندڙ ڪورونا وائرس مختلف ملڪن ۾ زور وٺي رهيو آهي ۽ ان وبا سبب عالمي سطح تي فوت ٿيندڙن جو انگ هاڻ 21 هزارن کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 4 لک 72 هزار کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪا آهن.

ان وائرس سان سڀ کان متاثر ملڪن ۾ چين، اٽلي، اسپين، جرمني، آمريڪا ۽ ايران شامل آهن.

ڪووڊ اوڻويهه سبب هن وقت جي ٽيون حصو آبادي لاڪ ڊائون ۾ آهي، جڏهن ته ڪيترين ئي ڪوششن باوجود ان وبائي مرض جي اڃا تائين ڪا دوا تيار ناهي ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.