جمال خاشقجي قتل، ترڪي ۾ 20 جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو

 

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ سعودي حڪومت جي ناقد جمال خاشقجي جي قتل جي حوالي سان 20 جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.

استنبول جي سرڪاري ڌر جي وڪيلن موجب ٻن مک جوابدارن ۾ ولي عهد محمد بن سلمان جا اڳوڻا صلاحڪار شامل آهن.

واضح رهي ته جمال خاشقجي کي ٻه آڪٽوبر 2018 ۾ استنبول ۾ سعودي قونصل خاني اندر قتل ڪيو ويو هو ۽ سندس لاش جا ڳڀا ڪيا ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.