ناليوارو شيف فلوئيڊ ڪارڊوز ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

نيوجرسي(ويب ڊيسڪ) ناليواري شيف فلوئيڊ ڪارڊوز آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي ويو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب 59 سالن جي شيف فلوئينڊ ڪارڊوز ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي.

هنگرانڪ نالي آمريڪي ريسٽورنٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ فلوئيڊ ڪارڊوز جي فوت جي خبر جي تصديق ڪئي وئي.

بيان ۾ سندس چوڻ هو ته هو فلوئيڊ ڪارڊوز جي لاڏاڻي جي خبر کي گهڻي ڏک سان دنيا سان شيئر ڪري رهيا آهن.

فلوئيڊ ڪارڊوز ان ريسٽورنٽ ۾ ڪلنري ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرر هو.

رپورٽ موجب فلوئيڊ ڪارڊوز ۾ هلندڙ سال 18 مارچ تي ڪورونا وائر  جي تصديق ٿي هئي، جنهن کان پوءِ هي نيو جرسي جي مائونٽين سائڊ ميڊيڪل سينٽر ۾ هن جو علاج جاري هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.