ڇا مائيڪل جيڪسن حياتي ۾ ئي ڪورونا جي اڳڪٿي ڪئي هئي…؟ رپورٽ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال رپورٽون سامهون آيون آهن ته هالي ووڊ فلم ”ڪونٽيجن“ ڪورونا وائرس جهڙي هڪ وبا تي ٺهيل فلم هئي جنهن کان پوءِ 12 سال پراڻو هڪ ڪتاب سامهون آيو جنهن ۾ ان وائرس جي اڳڪٿي ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ڊزني جي فلم ٽينگلڊ کي ڪورونا وائرس سان جوڙيو ويو.

۽ هاڻ رپورٽ سامهون اچي رهيون آهن ته عالمي شهرت يافته ۽ پاپ موسيقي جي بادشاهه سڏرائيندڙ مرحوم آمريڪي فنڪار مائيڪل جيڪسن به ڪورونا وارئس جهڙي عالمي وبا جي اڳڪٿي پنهنجي حياتي ۾ ئي ڪري ڇڏي هئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب مائيڪل جيڪسن جي اڳوڻي باڊي گارڊ برٽ ميٽ فڊر دعويٰ ڪئي آهي ته پاپ اسٽار پنهنجي حياتي ۾ ئي هڪ اهڙي وبا جي اڳڪٿي ڪئي هئي ۽ اِهو ئي سبب آهي ته مذاق بڻجڻ جي باوجود گهڻو وقت ماسڪ پائيندي نظر ايندو هو.

برٽ ميٽ فڊز موجب هو لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي تائين مائيڪل جيڪسن سان گڏ رهيو، هن دعويٰ ڪئي ته مائيڪل جيڪسن سڄي دنيا جو دورو ڪندو هو ۽ هو ڄاڻيندو هو ته اهڙي هڪ وبا دنيا ۾ ضرور پکڙجندي ۽ ان کان حفاظت جي لاءِ ئي هن ماسڪ پائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.

41 سالن جي باڊي گارڊ موجب هڪ ڏينهن هن مذاق ۾  مائيڪل جيڪسن کي چيو هو ته هو ماسڪ پائڻ ڇڏي ڏئي ڇو ته ائين ڪرڻ تي هن جو مذاق بڻايو ويندو هو، ۽ هن سان گڏ تصوير ڪڍرائڻ سان شرمندگي به ٿيندي آهي.

ان تي مائيڪل جيڪسن هن کي جواب ڏنو ته برٽ ميٽ آئون بيمار نٿو ٿيڻ چاهيان، آئون نٿو چاهيان ته مداح مايوس ٿين، مون کي ڪنسرٽس ۾ پرفارم ڪرڻو پوندو آهي، مان هن دنيا جي ڪري آهيان، آئون پنهنجي آواز کي نقصان نٿو رسائي سگهان، مون کي صحتمند رهڻو آهي.

هن چيو ته مائيڪل جيڪسن چوندو هو ته هو ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڏينهن ۾ 4 ملڪن جو به دورو ڪندو ۽ سفر دوران هن جي ڪيترن ئي ماڻهن سان ملاقات ٿيندي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.