سڳيون: نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

عوامي آواز رپورٽ
سڳيون: نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ
عوامي آواز رپورٽ سڳيون: نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

سڳيون ڀرسان ڪڻڪ جي فصل مان نوجوان جو ڳلو ڪٽيل لاش هٿ آيو آهي

ڳوٺاڻن ڪڻڪ جي فصل ۾ پيل لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو  جتي نوجوان جي سڃاڻپ لاڏائو فقير پرويزشيخ طور ڪئي

نوجوان جي وارثن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي نوجوان گذريل ڏينهن شام جو دوا وٺڻ لاءِ گهران نڪتو  پر واپس نه آيو جنهن تي هنن  سوڀو ديرو پوليس کي اطلاع پڻ ڏنو هو

ايڇ او سوڀوديرو ٻڌايو ته واثن پاران ٻڌايل ھڪ جوابدار عجب گل شيخ کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته وارثن پاران نوجوان کي دفنائڻ بعد قيس داخل ڪرائڻ جو چيو ويو آهي

لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سوڀوديرو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي مورو روانو ٿي ويا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.