مُئل انسانن جو گوشت کائيندڙ ٻه ڀائر رهائي کانپوءِ نظربند

ڀڪر (ويب ڊيسڪ) پوليس مُئل ماڻهن جو گوشت کائڻ جي ڏوهه ۾ سزا کانپوءِ رها ٿيندڙ ٻن ڀائرن کي نظربند ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب ٻنهي ڀائرن کي 2011 ۽ 2014 ۾ مُئل انسانن جو گوشت کائڻ جي ڏوهه ۾ ٻه ڀيرا سزا ٿي، جيڪا مڪمل ٿيڻ تي کين گذريل ڏينهن ميانوالي جيل مان آزاد ڪيو ويو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ ٻنهي ڀائرن کي هڪ مهيني لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ کين ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.