اوٻاوڙي ۾ روڊ حادثو، هڪ ئي ڪٽنب جا 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي

اوٻاوڙو (رپورٽ-بشير احمد ملڪ) اوٻاوڙي ويجھو  تيز رفتاري سبب خوف ناڪ حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪئي خاندان جا 3 ڄڻا فوت جڏهن ته  چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

اوٻاوڙي ويجھو اين فائيو موٽر وي تي تيز رفتاري دوران سبب  ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڊرائيور جي قابو کان ٻاهر نڪري وئي ۽ ڪلٽيون کائيندي موٽر وي کان ھيٺ کڏ ۾ وڃي ڪري .

ڪار ۾ سوار ھڪ ئي خاندان جا ست ڄڻا شامل هئا.

زور دار آواز تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا ۽ رونتي پوليس حادثي واري هنڌ پهتا جن زخمين ۽ فوتين کي ڪار مان ٻاهر ڪڍيو جتي  ھڪ نينگر ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

زخمين مان چئن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٽن ڄڻن کي اوٻاوڙو اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد ٽن زخمين کي به نازڪ حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال روانو ڪيو ويو آهي جتي ھڪ نينگري ۽ ھڪ نينگر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا آهن

فوتين ۾ نينگر ڪفايت الله، احسان الله  ۽ حليمه بي بي شامل آهن

جڏهن ته شھاب الدين، مسمات مھانه،  نينگري ڪومل ۽ نينگر عصمت الله  جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

خاندان حيدرآباد کان پنهنجي اباڻي علائقي باجوڙ ايجنسي وڃي رھيو ھو  ته کين حادثو

پيش آيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.