ميهڙ ويجهو ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب رهواسين جون دانهون

ميهڙ (ت ر)يوسي قاضي عارف جي ڳوٺ ولي محمد پنھور ۾ ڪيترن سالن کان ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ جي ڪري ڳوٺ جون تمام گھٽيون گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون آهن گندگي  جي ڪري ڳوٺ ۾ مڇرن جو آزار  وڌي ويو آهي خطرناڪ بيماريون ٿيڻ جو انديشو آهي دنيا سميت سنڌ ۾ ڪورونا وائرس  پکڙجي رھيو آهي ان لاءِ حڪومت سنڌ دعوى پئي ڪري ته صفائي ڪرائي رھيا آھيون ليڪن ڳوٺ ولي محمد پنھور  ڇا سنڌ صوبي ۾ نه آهي يا اسين ولي محمد پنھور جا رھواسي پاڪستان جا شھري نه آھيون جو سياسي بنيادن تحت ھن ڳوٺ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي اهڙو اظھار ايس يو پي ضلع اڳواڻ عبدالحميد سومرو عوامي آواز سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن پھريان روڊس کاتي جو سروير  قاضي مختيار احمد مھيسر ڳوٺ جي گھٽين  جي سروي ڪري ماپ پڻ وٺي ويو آهي ته جلد گھٽيون  ٺھنديون مگر اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي ماپون ڪيل  گھٽيون ڪٿي ٺھنديون. هنن چيف جسٽس سنڌ احمد علي شيخ صاحب کي اپيل ڪئي ته ڳوٺ جي نازڪ حالت جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.