ڪورونا تي اجلاس دوران وزير اعظم اُٿي هليو ويو، شهباز ۽ بلاول جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي حوالي سان ويڊيو لنڪ جي ذريعي ٿيل پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس مان وزير اعظم عمران خان جي اٿڻ وڃڻ تي مخالف ڌر به بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻڻ جو اجلاس ويڊيو لنڪ ذريعي ٿيو جنهن سان وزير اعظم عمران خان خطاب ڪيو.

ڪانفرنس دوران ئي وزير اعظم اُٿي هليو ويو جنهن تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بائيڪاٽ ڪيو.

ان موقعي تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي سنجيدگي جو اِهو عالم آهي ته اجلاس جو وزير اعظم ويهڻ لاءِ ئي تيار ناهي، پاڪستان تاريخ جي سڀ کان وڏي وبا کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ وزير اعظم پاڻ موجود ئي ناهي، جيڪڏهن وزير اعظم جي اِها سنجيدگي آهي ته اسان اجلاس ۾ نه ويهنداسين.

هن چيو ته  وزير اعظم کي ايترو به احساس ناهي ته هي ڳالهين وارو اجلاس آهي، اسان هتي سياست ڪرڻ ناهيون آيا، اِهو سوچڻ لاءِ ويٺا آهيون ته گڏجي قوم کي ڪيئن بچائجي.

ويڊِيو ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽي طرفان بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيري رحمان شرڪت ڪئي جڏهن ته ن ليگ طرفان شهباز شريف، مشاهد الله خان ۽ خواجا آصف شريڪ ٿيا.

پارلياماني اڳواڻن سان ويڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته چيڻ ۾ تعليم هيٺ پاڪستاني شاگردن کي چين ۾ رکڻ جو ڏکيو فصلو ڪيو، جنهن جي ڪري چين مان هن وقت تائين هڪ به ڪورونا جو ڪيس پاڪستان ۾ ناهي آيو.

هن ٻڌايو ته ڪالهه تائين پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 900 مريض هئا جنهن مان رڳو 153 ڪورونا وائرس جا مقامي مريض آهن جڏهن ته هن وقت تائين پاڪستان ۾ آيل 9 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي ايئرپورٽ تي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي.

عمران خان چيو ته پاڪستان جڏهن اِها جنگ کٽيندو ته ان ۾ سمورا پاڪستاني شامل هوندا، سمورا صوبا ۽ سياسي فورس شامل هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.