ڪابل ۾ گوردواري تي حملو، 25 ڄڻا مارجي ويا

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ سکن جي گوردواري تي دهشتگرد حملي ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا.

افغان ميڊيا موجب 4 آپگهاتي بمبارن ڪابل جي علائقي شور بازار ۾ هڪ گوردواري تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 ڄڻا اجل جو شڪار بڻيا.

افغان گهرو وزارت ٻڌايو ته حملو مقامي وقت موجب صبح لڳ ڀڳ پوڻي اٺين وڳي ڪيو ويو، جنهن جو اطلاع ملندي ئي فورسز جي وڏي نفري علائقي ۾ پهتي.

افغان ميڊيا موجب گوردواري جي انتظاميا ٻڌايو ته حملي وقت ڌرم شالا ۾ تقريبن 150 ماڻهو موجود هئا، جڏهن ته علائقي ۾ ڌماڪن جو آواز به ٻڌو ويو.

افغان سيڪيورٽي فورسز تصديق ڪئي ته 6 ڪلاڪن جي ڊگهي مقابلي کانپوءِ چئني آپگهاتي بمبارن کي ماريو ويو، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 80 ڄڻن کي حفاظت سان گوردواري مان ڪڍيو ويو.

حملي ۾ گوردواري ۾ موجود 25 ڄڻا مارجي ويا، جيڪي عبادت ۾ مصروف هئا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

هوڏانهن شدت پسند تنظيم داعش گوردواري تي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.