مير شڪيل الرحمان ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پرائيويٽ پراپرٽي ڪيس ۾ نيب جي حراست ۾ موجود جنگ ۽ جيو گروپ جي ايڊيٽر انچيف مير شڪيل الرحمان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

مير شڪيل الرحمان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هن کي نيب غير قانوني گرفتار ڪيو آهي ۽ گرفتاري جا سبب به غير قانوني آهن.

هن چيو ته منهنجي عمر 70 سال آهي ۽ مختلف بيمارين ۾ به مبتلا آهيان، نيب گرفتاري کان اڳ پنهنجي معياري طريقيڪار (ايس او پيز) جي به ڀڃڪڙي ڪئي جڏهن ته ڪيس جي جاچ ۾ مون وٽان ڪجهه برآمد ناهي ٿيو، ان ڪري ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وڃي.

ٻئي پاسي لاهور جي احتساب عدالت مير شڪيل الرحمان جي جسماني ريمانڊ ۾ 7 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته نيب 12 مارچ تي 34 سال اڳ مبينا طور تي حڪومتي عهديدار کان غير قانوني طور تي ملڪيت خريد ڪرڻ جي ڪيس ۾ جنگ ۽ جيو گروپ جي ايڊيٽر انچيف مير شڪيل الرحمان کي حراست ۾ ورتو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.