آئسوليشن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ انسٽاگرام جو دلچسپ فيچر

انسٽاگرام ڪورونا وائرس سبب آئسوليشن جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي دلچسپ فيچر پيش ڪري ڇڏيو.

فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام جي انتظاميا اعلان ڪيو آهي ته نئون ڪو واچنگ“ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جي ذريعي واهپيدار پنهنجن دوستن سان وڊيو چيٽ تي رهندي گڏجي هڪ ئي پوسٽ ڏسي سگھن ٿا جنهن سان هو محدود رهندي به هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهندا.

ڄاڻايل فيچر وڊيو چيٽ دوران کٻي پاسي نظر ايندو جتي ڪلڪ ڪرڻ سان تازو ئي لائيڪ ڪيل پوسٽ نمايان ٿي ويندي جنهن کان پوءِ جيڪا پوسٽ به دوست سان گڏجي ڏسڻي ۽ ان تي تبصرو ڪرڻ هجي گڏ وڊيو تي رهندي ان تي تبصرو ڪري سگھبو.

ڪمپني چيو ته ان فيچر کان سواءِ ڪووڊ-19 جي حوالي سان سرچ ۾ تصديق ٿيل ڄاڻ ۾ به واڌارو ڪيو ويو آهي، ۽ تصديق ٿيل ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽيڪر به شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪوشش ڪئي پئي وڇي ته ڪوڙي ڄاڻ پکيڙيندڙ اڪائونٽس کي ڊليٽ ڪيو وڃي.

انسٽاگرام ۾ ڊونيشن اسٽيڪر جي به واڌ ڪئي وئي آهي جنهن تحت غير سرڪاري ادارا ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري سگھن ٿا.

ان کان سواءِ سماجي وٿي بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ انسٽاگرام stay at home  يعني گھرن ۾ رهڻ جي هدايت لاءِ اسٽيڪر به متعارف ڪرايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.