ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ”ڊاڪٽر روبوٽ“ تيار

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي چين ۾ جديد ٽيڪنالوجي ۽ مصنوعي ذهانت جي مدد سان اهڙا روبوٽ تيار ڪيا ويا آهن جيڪي ڊاڪٽرن جيان ذميواريون نڀائي سگھن ٿا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي يونيورسٽي چينهوا يونيورسٽي جي محققن اهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو اسپتالن ۾ ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو.

ڄاڻايل روبوٽ ۾ مريض جو الٽراسائونڊ ڪرڻ، جسم جي مختلف عضون جا آواز ٻڌڻ سوڌو وات جو معائنو ڪرڻ جي به صلاحيت موجود آهي.

”اسٽيسي اسڪوپ“ جا سمورا ڪم اهو روبوٽ ڪري سگھي ٿو.

روبوٽ ۾ ٻن ٻانهن کان سواءِ ڪيمرا به لڳل آهي، يونيورسٽي جي پروفيسر زينگ جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل روبوٽ کي اهڙا مشن سونپي سگھجن ٿا جن ۾ ڊاڪٽرن جو مريض وٽ وڃڻ خطري جو سبب هجي.

خيال رهي ته پروفيسر کي ان قسم جو روبوٽ ڊزائين ڪرڻ جو خيال پهريون ڀيرو ووهان ۾ ٿيل لاڪ ڊائون دوران آيو جتي ڪورونا سبب مرندڙن جي انگ ۾ روز واڌ ٿي رهي هئي.

ڪورونا وائرس جي مريضن وٽ وڃي علاج ڪندڙ ڪيترائي ڊاڪٽر به ان وائرس جو شڪار ٿيا. جديد ٽيڪنالوجي سان ليس ان روبوٽ کي ڪورونا وائرس جي مريضن وٽ موڪلي بنيادي معائنو به ڪري سگھجي ٿو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.