بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم پاران اڌ پگهار ڪورونا فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم ڪورونا وائرس خلاف جنگ وڙهڻ لاءِ پنهنجي پگهار جو اڌ حصو عطيو ڪري ڇڏي.

بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جا  سمورا رانديگر پنهنجي ماهانا پگهار جو اڌ حصو حڪومت سان گڏ ڪورونا وائرس جي فنڊ ۾ شامل ڪري رهيا آهن ته جيئن ان عالمي وبا جو گڏجي مقابلو ڪري سگهجي.

ان حوالي سان بنگالي رانديگرن جو چوڻ آهي ته هن وقت پوري دنيا عالمي وبا کان وڙهي رهي آهي، اها وبا بنگلاديش ۾ به تيزي سان پکڙجي رهي آهي، جنهن سبب اسان سمورا رانديگر ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان کان بچاءُ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.

رانديگرن چيو ته اها رقم اٽڪل 27 لک ٺهي ٿي، جيڪا ممڪن آهي ته ان جنگ لاءِ ڪافي نه هجي پر اسان سڀ گڏجي پنهنجو پنهنجو حصو شامل ڪنداسن ته ان سان مقابلو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.

واضح رهي ته بنگلاديش ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 39 ٿي چڪو آهي جڏهن ته 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.