ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ رونالڊو ۽ ميسي به ميدان تي لهي آيا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس خلاف جاري جنگ ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ليونل ميسي ميدان تي لهي آيا ۽ متاثرن جي مدد لاءِ هڪ، هڪ ملين يورو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ بعد اسٽار فٽبالر به انساني همدردي جي جذبي تحت سامهون اچي رهيا آهن، اسپين ۾ ڪورونا سبب مريضن جي انگ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي چڪو آهي، ان صورتحال ۾ بارسلونا ڪلب جي نمائندگي ڪندڙ ليونل ميسي به پوئتي نه رهيو، هن پاران ڏنل هڪ  ملين يوروز جي رقم بارسلونا جي اسپتال، ڪلينڪ ۽ ٻين ميڊيڪل سينٽرز ۾ خرچ ڪئي ويندي.

پرتگال ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجون خدمتون پيش ڪيون آهن، اسٽار فٽبالر پاران به خصوصي علاج لاءِ يونٽس ٺاهيا ويندا، ان ۾ هڪ 15 بيڊن تي ٻڌل هوندو جڏهن ته ٻيا 10،10 بيٽن تي ٻڌل يونٽس هوندا.

انگلش فٽبال ڪلب مانچسٽر سٽي جي مينيجر پيپ گارڊيولاني به هڪ ملين يورو عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.