چين مان علي بابا فائونڊيشن جو پهريون جهاز طبي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اي ڪامرس ڪمپني علي بابا جي ريٽائرڊ چيئرمين جيڪ ما طرفان ڪورونا وائرس بابت ضروري طبي سامان جي فراهمي جي پهرين کيپ پاڪستان پهچي وئي.

جيڪ ما فائونڊيشن ۽ علي بابا فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان طبي سامان فراهم ڪيو ويو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻنهي فائونڊيشن جي نمائندن مينجنگ ڊائريڪٽر دراز احسان کان عطيو ڪيل سامان وصول ڪيو.

نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ ترسيل ۽ ورڇ ڪندي.

ان موقعي تي ڪراچي ۾ چين جي قونصل جنرل مسٽر لي بيجيان ۽ ڪراچي ۾ چين جو نائب قونصل جناب زانگ هائو به موجود هول.

واضح رهي ته 21 مارچ تي 10 ايشيائي ملڪن جي لاءِ ضروري طبي سامان عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

سمورن 10 ايشيائي ملڪن گڏيل طور تي 18 لک ماسڪ، 2 لک 10 هزار ٽيسٽنگ ڪٽس، 36 هزار حفاظتي لباسن سميت ٻيو ضروري سامان به شامل آهي.

ڪراچي ۾ چين جي قونصل جنرل لي بيجيان چيو ته پاڪستان ۾ وبائي مرض ڦهلجڻ کان پوءِ کان چين جي حڪومت ۽ عوام پاڪستاني ڀائرن سان گڏ ٻڌي جو اظهار ڪري ٿي ۽ امداد فراهم ڪري رهي آهي.

پڌرائي موجب پاڪستان ۾ چين جي سفير يائو جنگ طرفان جيڪ ما فائونڊيشن ۽ علي بابا فائونڊيشن جي عطيو ڪرڻ تي هن جا ٿورا مڃيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.