سنڌ جي وڏي وزير جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آيل زائرين کي گهر موڪلڻ جي هدايت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾ موجود انهن زائرين کي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ 640 ماڻهن کي موڪليو ويندو.

 سنڌ جي وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته جن زائرين جي ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي انهن کي واپس گهرن ڏانهن موڪليو وڃي ۽ انهن جي هدايت تي 640 زائرين گهرن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن.

زائرين کي واپس موڪلڻ جي لاءِ خاص بسن جي انتظام جي هدايت ڪئي وئي آهي جيڪي ڪراچي، سکر، مٽياري، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن وڃن.

وڏي وزير اختيارين کي چيو ته لاڳاپيل ضلعن جي ڊي سي کي هدايت ڪيو ته هو انهن زائرين جو استقبال ڪن.

سنڌ حڪومت گهرن ڏانهن موڪليو ويندڙ زائرين کي هڪ گائيڊ لائن ڏني آهي جنهن موجب هو گهرن ۾ رهندا ۽ ڪجهه ڏينهن ٻاهر نه نڪرندا.

اختيارين موجب انهن زائرين جي ٽيسٽ 2-2 ڀيرا ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڀيرا ناڪاري آئي.

وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته جيڪي ماڻهو گهرن ڏانهن وڃي رهيا آهن انهن جا فون نمبر ۽ ايڊريس سميت سموري ضروري ڄاڻ رجسٽر ڪئي ويندي ۽ انهن جي فون نمبرن تي هدايتون ڏيڻ ۽ ايندڙ 10 ڏينهن تائين انهن کان صحت جي حوالي سان پڇندا رهن.

مراد علي شاهه گهرن ڏينهن ويندڙ زائرين کي مبارڪون ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مون کي اميد آهي ته توهان پنهنجي وارثن سان صحتمند زندگي گذاريندا.

ناصر حسين شاهه:

سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رات 8 وڳي کان صبح 8 تائين سواءِ ميڊيڪل اسٽورن جي سمورا دڪان ۽ واپار بند رکڻ ۽ مڪمل لاڪ ڊائون جي هدايت ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ان دوران سبزي جا دڪان ۽ ٻين سمورين شين جا دڪان به بند رهندا پر اسپتال ۽ ميڊيڪل اسٽور 24 ڪلاڪ کليل رهندا.

ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته وڏي وزير بينڪنگ جي شعبي کي رڳو ضروري شاخون کولڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.