مشهور شخصيتون قرنطينه ۾ ڇا ڪري رهيون آهن؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ ماڻهن سوشل ڊسٽنسنگ کي اپنائيندي پاڻ کي گھرن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ان ڏکئي وقت ۾ مشهور شخصيتن گھر ويٺي عوام کي تفريح فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هر ڪو سوشل ميڊيا تي پنهنجن مداحن لاءِ نيون نيون وڊيوز شيئر ڪري رهيو آهي ته جيئن کين ذهني اذيت کان بچائي سگھجي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جي گھرواري شنيرا اڪرم سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کان پوءِ ماڻهن جي چهرن تي خوشيون وکيرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو سهارو ورتو آهي.

ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي موقعي تي شنيرا اڪرم سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته شنيرا جي نياڻي عائلا پنهنجي پيءُ وسيم اڪرم لاءِ جا وار ٺاهي رهي آهي.

شنيرا ان وڊيو تي لاڪ ڊائون ۽ ڊي فور جهڙا هيش ٽيڪ به استعمال ڪيا.

پاڪستان جا گلوڪار ۽ اداڪار به پنهنجن پنهنجن سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي دلچسپ وڊيوز شيئر ڪري رهيا آهن جن جو مقصد گھرن ۾ بند عوام جي چهرن تي خوشيون وکيرڻ آهي.

گلوڪار عاصم اظهر پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ گيت جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن تي هن ڪيپشن ”عشق قرطينه  ڪيا“ لک پنهنجن مداحن کي محفوظ ڪيو آهي.

ان کان سواءِ مشهور گلوڪار علي ظفر هڪ ڀيرو وري پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن پنجابي ٻوليءَ ۾ انهن ماڻهن کي پيغام ڏنو آهي جيڪي پنجابي کان سواءِ ٻي ڪا به ٻولي ناهن سمجهندا. ان وڊيو ۾ هن پنجاب جي عوام کي ٻڌايو ته هڪ ڪيئن ڪورونا وائرس کان محفوظ رهي سگھي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.