”نوجوان پاڻ کي ڪورونا وائرس کان محفوظ نه سمجهن“

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري سڄي دنيا جي نوجوانن کي خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم سان انهن کي به خطرو آهي ۽ اهي پاڻ کي قطعي طور ان وائرس کان ”بلڪل محفوظ“ نه سمجهن.

ڊبليو ايڇ او جي سربراهه موجب اهو وائرس نوجوانن کي هفتن لاءِ اسپتال موڪلي سگهي ٿو ۽ انهن جي موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.

سندس چوڻ هو جيڪڏهن ڪورونا وائرس نوجوانن جي موت جو سبب نه به بڻيو ته انهن جي چُرپر ۽ ٻيا فيصلا ماڻهن تي اثرانداز ٿيندا.

هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪورونا وائرس جو نئون قسم پيرسن ماڻهن يا اڳ کان ساهه جي تڪليف ۽ ڦڦڙن جي مرضن ۾ ورتل ماڻهن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.