پي ايس ايل ڇو ملتوي ٿي؟ وسيم خان ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان چيو آهي ته هڪ پرڏيهي رانديگر ۾ ڪورونا وائرس جون علامتون سامهون اچڻ بعد پي سي بي پاڪستان سپر ليگ فائيو جي سيمي فائنل ۽ فائنل کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

وسيم خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي سي بي جي ان فيصلي تي سمورين فرنچائزن ڀرپور سهڪار ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

وسيم خان چيو ته سمورا رانديگر ميچون کيڏڻ لاءِ تيار هئا ۽ جڏهن فيصلو ڪيو ويو ته هو ان وقت هوٽل مان نڪري چڪا هئا، ميچون ملتوي ڪرڻ وارو فيصلو پي سي بي جو آهي.

هن چيو ته ميچون ملتوي ٿيون آهن پر رد ناهن ڪيون، حالتون بهتر ٿيڻ تي ميچن کي ري شيڊيول ڪنداسين، ڪورونا وائرس جي حوالي سان حڪومت جي قدمن جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا.

واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران پي ايس ايل جي سيمي فائنلز ۽ فائنل کي ڪورونا وائرس جي خدشي سبب في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.