ٽيڪس وصولي جو هدف ڏکيو ۽ گهڻو قرار…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو جي وقتي چيئرپرسن نوشين جاويد امجد ٽيڪس وصولي جو هدف گهڻو ۽ ڏکيو قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪسٽمز هائوس ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڪلڪٽرز جي پاسنگ آئوٽ تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايف بي آر جي وقتي چيئرپرسن نوشين جاويد جو چوڻ هو ته سيلز ٽيڪس وغيره جي نمبرن ۾ گهٽتائي آئي آهي، هدف پورو ڪرڻ ڏکيو پيو نظر اچي.

نوشين جاويد جو چوڻ هو ته معاشي صورتحال کي ڏسندي حڪومت جو ٽيڪس جمع ڪرڻ وارو هدف ڏاڍو ڏکيو ۽ گهڻو آهي، اِهو نٿي چئي سگهان ته ٽارگيٽ نٿو ٿي سگهي، اڃان 4 مهينا آهن ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر ڏاڍو ڏکيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ٽيڪس ڏيڻ ۾ مسئلا ايندا آهن ان کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٽيڪنالاجي کي وڌ کان وڌ آندو ويندو، بارڊرز تي به اسڪينر لڳايا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.