ريتڪ روشن وائڙائپ جي شڪار پاڪستاني شاگرد جي حمايت ۾ ميدان تي لهي آيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپر اسٽار ريتڪ روشن وائڙائپ جي شڪار پاڪستاني شاگرد جي همٿ افزائي ڪندي کيس پنهنجي مقصد ۾ پوئيتي نه هٽڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي هڪ پاڪستاني ڇوڪري لکيو هو ته سندس ڪزن اٽڪي اٽڪي ڳالهائيندو آهي ۽ يونيورسٽي ۾ هڪ پريزينٽيشن دوران ليڪچرار چيو ته جيڪڏهن تون صحيح نٿو ڳالهائي سگهين ته پڙهائي ڪرڻ ڇڏي ڏي.

ڇوڪري وڌيڪ لکيو ته ليڪچرار جي ان رويي بعد سندس ڪزن ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو ۽ پنهنجي پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ڇوڪري جي ٽوئيٽ تي ڀارتي اداڪار ريتڪ روشن لکيو ته پنهنجي ڪزن کي چئو ته ليڪچر ۽ سندس مشوري جو  ڪزن جي وائڙائپ سان ڪو تعلق ناهي، اٽڪي اٽڪي ڳالهائڻ توهان جي ڪزن کي ڪجهه وڏو ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.