پڪا چانگ ۽ ڀرپاسي مهانگائي وڌي وئي، واپارين خلاف ڪارروائي جي گهر

پڪاچانگ (رپورٽ : امر شر) تعلقي فيض گنج جي ڏھن کان مٿي شھرن ۾مھانگائي جو جن مسڪينن جو ماس روڙڻ لڳو آھي، تعلقي جي سڀني شھرن پڪاچانگ ڪوٽ لعلو اڪري، ڪرونڊي، ڀنگوبھڻ، ظفر آباد  حسين پاتي سميت منافع خور واپارين پاران ھٿرادو مھانگائي سبب مسڪين ماڻھو ويلا ويھڻ تي مجبور آھن. جڏهن ته اٽو سموري شھر مان اڻ لڀ ٿي ويو آھي، وڏن واپارين اٽي ۽ کنڊ جا گودام ڀري رکي ڇڏيا آھن، جيڪي ٻيڻي اگھه تي وڪرو ڪن ٿا. اٽي چڪي مالڪن پڻ ھڪ ھٽي ڪري اٽو اسي رپيا ڪلو اگھ مقرر ڪري ڇڏيو آھي. شھرين احتجاج ڪندي چيو ته ذخيرا اندوزي ڪندڙ لالچي واپارين خلاف قدم کڻي فوري طور شھر ۾ ٿيل ھٿرادو مھانگائي کي ٻجو ڏنو وڃي، شھرين چيو ته وزيراعظم جي اعلان باوجود يوٽلٽي اسٽور تان اٽو گيهھ ۽ کنڊ نٿي ملي اسٽور تي ڪاري وارا ڪک آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.