روهڙي ۾ عورت جو مڙس جي آزادي لاءِ احتجاج

سکر(رپورٽر) روهڙي جي علائقي ٻيڙي چوڪ جي رهواسڻ غريب عورت روهڙي پوليس جي زيادتين  ۽ مڙس جي آزادي لاءِ رشوت طلب ڪرڻ خلاف سکر پريس ڪلب پهتي، ان موقعي تي متاثر عورت نازيه چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ روهڙي جي علائقي ڪنڌرا ناڪي تان نينگر گم ٿيڻ بعد ٻن ڏينهن کانپوءِ ٻيڙي چوڪ واري علائقي مان ٻن کدڙن کي گرفتار ڪرڻ بعد نينگر بازياب ٿيو هو، روهڙي پوليس کدڙن فقيرن سميت ڪجھ ٻين ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو هو پر پوليس گرفتار ڪيل ماڻهن کان رشوت وٺي ڪري آزاد ڪري ڇڏيو،منهنجو مڙس نيازي فقير کي آزاد ڪرڻ لاءِ 20 هزار روپيا رشوت طلب ڪري رهي آهي، جڏهن ته غريب هجڻ ڪري رشوت جا پئسا نه ڏيڻ ڪري منهنجا معصوم ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته بيگناهه گرفتار ڪيل مڙس کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.