شهيدن جو شهر لاڙڪاڻو ڪني پاڻي ۾ ٻڏل، شهرين جو ٽائر ساڙي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران شهر جي جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو ، جتي شهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي ميئر ۽ يوسي چيئرمين نيڪ محمد ڀٽو خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻ جي اڳواڻي ڪندڙ عابد عباسي ۽ ٻين چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ۽  شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري شهر جا سمورا علائقا گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ گندو پاڻي بيهڻ جي ڪري علائقي واسي سخت عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن الزام لڳايو ته شهر جي خوبصورتي ۽ ڊرينيج نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪروڙين روپين جا ترقياتي فنڊ جاري ڪيا ويا آهن جيڪي ميئر ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻن ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪري ڇڏيا جڏهن ته يوسي چيئرمين آفتاب نيڪ محمد ڀٽو پڻ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن پر افسوس جو سنڌ حڪومت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي طرفان اهڙي معاملي جو نوٽيس ناهي ورتو ۽ شهرين کي ميئر توڙي يوسي چيئرمينن ۽ پارٽي اڳواڻن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هنن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعظم عمران خان، نيب چيئرمين سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته لاڙڪاڻي ۾ ترقياتي ڪمن جي مد ۾ ٿيل ڪرپشن جي شفاف نموني جاچ ڪرائي ميئر  ۽ يوسي چيئرمين  خلاف ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪري شهرين جي سمورن علائقن مان گندگي جو خاتمو آڻي گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.