خيرپور ۾عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻا، عوام مڇرجي پيو، مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا

خيرپور(ڊر) خيرپور ۽ آس پاس وارن علائقن ٺيڙهي ،ٻٻرلوءِ، پير ڳوٺ،پريالو، احمد پور، ڪوٽڏجي گمبٽ ۽  ٻين علائقن ۾ اٽي سميت روز مرهه جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين جا اڳهه چوٽ چڙهي ويا آهن جنهن عمل خلاف مختلف هنڌن ٺيڙهي ۽ ٻٻرلوءِ ۾ ضلعي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.  جنهن جي اڳواڻي علي بخش شيخ، سيد جاويد علي شاهه، نورالدين ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن صحافين کي ٻڌايو ته اسان سڄو ڏينهن مزدوري ڪندا آهيون ۽ شام جو 500 رپيا مزدوري ملندي آهي. جيڪا ناڪافي آهي روزانو کاڌي پيتي جو شيون خريد ڪرڻيون پونديون آهن جنهن ۾ اٽو 70 رپيه في ڪلو،گيهه 250 رپيه ڪلو،کنڊ 80 رپيه ڪلو، داليون 250 رپيه ڪلو، بصر پٽاٽا 50 50ريپه في ڪلو جڏهن ته ٻين سبزين جا اگهه به چوٽ چڙهيل آهن خيرپورضلعي ۾ اندير نگري چڙٻٽ راجا وارو راج پيو هلي ڪو به ڪنهن کان پڇڻ وارو نه آهي. ضلعي حڪومت طرفان قائم ڪيل پرائيس ڪنٽرول ڪميٽي غير فال بڻجي وئي آهي دواندار پنهنجي من پسند اگهه جي لسٽ هڻي ڇڏي آهي جنهن تي ڪنهن به مارڪيٽ ڪاميٽي جي ملازم جي ڪا به صحي نه آهي. هنن چيو ته ڪيترائي دفعا سوشل ميڊيا تي دانهون ڪيون آهن ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي لکت ۾ درخواستون ڪيون آهن پر ڪو به ٻڌڻ وارو نه آهي هنن ڊي سي خيرپور کان گهر ڪئي ته ضلعي جي هر تعلقي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار روينيو کي پابند ڪيو وڃي ته هو مارڪيٽن ۽ بازارين جو دورو ڪري دوڪاندارن کي پابند ڪن ته هو سرڪار طرفان مقرر ڪيل اگهن تي شيون وڪرو ڪن نه ته ٻئي صورت ۾ اسان پورهيت طبقي جا ماڻهون دي سي خيرپور جي آفيس اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪنداسين جنهن جي ذمواري ڊي سي خيرپور تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.