فضل الرحمان تي غداري ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي، ڪرپشن ڪندڙن کي فوج جو ڊپ هوندو آهي:وزيراعظم اعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته آئون ڪرپٽ ناهيان جيڪي ڪرپشن ڪندا آهن انهن کي فوج جو ڊپ هوندو آهي. مولانا فضل الرحمان خلاف غداري ڪيس هلڻ گهرجي ته هو ڪنهن جي چوڻ تي حڪومت ڪيرائڻ آيو هو.  ملڪي موجوده صورتحال تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته ملٽري ايجنسين کي خبر هوندي آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي ان ڪري جيڪي ڪرپشن ڪندا آهن انهن کي فوج جو ڊپ هوندو آهي، آئون نه ئي ڪرپٽ آهيان نه ئي پيسا ٺاهي رهيو آهيان.  ملڪ ۾ اٽي بحران تي هن چيو ته مخالف ڌر حڪومت وڃڻ جون ڳالهيون رڳو پنهنجي پارٽي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪندي آهي ۽ اِها سياسي مافيا آهي انهن کي مهانگائي جي نه پر پنهنجي ذات جي فڪر آهي پر اٽي بحران جي ابتدائي رپورٽ ۾ جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جو نالو ناهي.  آءِ ايم ايف جو بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي عمران خان چيو ته قيمتون وڌيڪ نٿا وڌائي سگهون ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويندا. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي بيان تي وزير اعظم چيو ته هن جي بيان تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس ٿيڻ گهرجي معلوم هئڻ گهرجي ته مولانا فضل الرحمان کي ڪنهن خاطري ڪرائي آهي. هو ڪنهن جي اشاري تي حڪومت ڪيرائڻ آيو هو.  سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان وزير اعظم ٻڌايو ته اليڪشن سڌارن جي لاءِ قانون آڻي رهيا آهيون جنهن جي تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ بائيو ميٽرڪ سسٽم کي لازمي قرار ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ اليڪشن ڳجهي راءِ شماري سان نه ٿيندي ۽ شو آف هينڊز سان سينيٽ اليڪشن جو قانون آڻينداسين. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف ترڪ صدر طيب اردگان جي مذمتي بيان تي ان جو خير مقدم ڪريون ٿا. اسلام آباد ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب کانپوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان چيو ته 8 لک ڀارتي فوجين تقريبن 80 لک ڪشميرين ۽ انهن جي اڳواڻن کي گهيري ڇڏيو آهي، جن کي مواصلاتي ذريعن ۽ ٻين بنيادي حقن تائين پهچ حاصل ناهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي ٿيندڙ صحيحن سان پاڪ ترڪ تجارت ۾ نئين دور جي شروعات ٿيندي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.