ترڪ صدر پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري وطن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ترڪي جي صدر پاڪستان ٻن ڏينهن جي دوري ۾ روايتي ٻڌي ۽ تعلق کي هٿي ۽ پاڪ ترڪ اسٽريٽيجڪ ڀائيواري ۾ وڌيڪ واڌ کان پوءِ اڄ واپس روانو ٿي ويو.

انقره ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وچ اوڀر ۾ سياسي منظر نامي جي ڪري ڇڪتاڻ، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ آرٽيڪل 370 جي رد ٿيڻ، اسلاموموفوبيا ۽ ملڪ ۾ معاسي ترقي سميت ايف اي ٽي ايف جهڙي مسئلن جي ڪري ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو دورو ڪيتري ئي اعتبار سان اهم سمجهيو پيو وڃي.

ان کان سواءِ پاڪ ترڪ جي وچ ۾ لاڳاپن بابت گڏيل ورڪنگ گروپ ( جي ڊِبليو جي) جو اجلاس ۽ ان ۾ ٿيل معاهدي تي خطي ۾ نئين تبديلي کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.