انسانن جي زندگين سان کيڏڻ نه گهرجي

امتياز چانڊيو

هڪ دوست جا لفظ ته ڊاڪٽر مسيحا هوندا آهن، انسانن جي تڪليف دور ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر وڏو ڪردار ٿئي ٿو.

آئون ان ڳالهه سان مڪمل سهمت نه پئي ٿيس، ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جي حوالي سان ان دوست جا اهي لفظ ڄڻ مون کي هوا کي لٺيون هڻڻ برابر پئي لڳا، مڃون ٿا ته ترقي يافته ملڪن ۾ ميڊيڪل وڏي مثالي بڻيل آهي، انسانن جون زندگيون بچائڻ ۽ انسانن جي تڪليف دور ڪرڻ ۾ ميڊيڪل انقلابي قدم کنيا آهن، پر مون کي لڳندو آهي ته اسان ان ميڊيڪل جي ڪيل ترقي کان 50 سال پوئتي بيٺل آهيون، نه سرڪاري اسپتالون سٺيون جنهن ۾ انسانن کي بهتر سهولتون ملي سگهن ۽ نه ئي اهڙا ڊاڪٽر سٺا جيڪي پنهنجي مهارت ۽ ايمانداري سان مريضن جو علاج ڪري سگهن، ها باقي ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جهڙيون پرائيويٽ اسپتالون آهن جنهن ۾ مريضن جو ڪجهه علاج ٿي سگهي ٿو، پر اهي ايتريون ته مهانگيون جو هر ماڻهو جي وس جي ڳالهه ئي ناهي ته اهو انهن اسپتالن مان پنهنجو علاج ڪرائڻ ته پري جي ڳالهه پر علاج ڪرائڻ جو سوچيو به سگهي.

هونئن ته اسان پاڻ ئي سول اسپتال حيدرآباد، سول اسپتال ڪراچي کان ويندي چانڊيڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻي تائين وقتن بوقتن انهن اسپتالن جي حالت پنهنجين اکين سان ڏسندا رهيا آهيون، جن اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ انسانن تي اتي ويٺل ڊاڪٽرن کي ڪو رحم ئي ناهي ايندو، مريضن سان ڊاڪٽرن جو اهڙو ورتاءُ هوندو آهي، ڄڻ اهي مريض نه پر غلام هجن ۽ خيرات وٺڻ لاءِ مجبور ٿي اسپتال ۾ پهتا هجن، هاڻ ڊاڪٽر جي مرضي ته اهو مريض سان ڪهڙو ورتا ٿو رکي. سڌي منهن مريض سان ڳالهائي به ٿو، سندس صحيح نموني تپاس ڪري کيس بهتر علاج لکي ٿو ڏئي يا ڪنهن مريض کي ائين ئي سمجهي کيس ڪا ٽڪي ڦوٽو لکي ڏئي.  ڊاڪٽر کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي ته علاج لاءِ وٽس پهتل مريض سان هن ڪهڙو ورتاءُ رکيو، انسان تڙپندا رهندا آهن پر ڊاڪٽر ان کي روٽين سمجهي اگنور ڪندا رهندا آهن.

آئون هتي اڄ ڳالهه ڪندس ان معصوم نياڻي جي جيڪا ڊاڪٽرن جي لاپرواهي جو شڪار ٿي ٻن هفتن کان وٺي سخت تڪليف واري حالت ۾ گهر ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي آهي، حيدرآباد جي تعلقي لطيف آباد جي ڳوٺ جان محمد رند جي رهواسي سبزي وڪرو ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت محمد قاسم جي معصوم نياڻي آليا کي دل جي تڪليف ٿي، سندس والد کيس سول اسپتال حيدرآباد ۾ قائم دل واري شعبي اين آءِ وي سي ڊي ۾ سندس تڪليف دور ڪرڻ لاءِ کڻي پهتو، ڊاڪٽرن معصوم نياڻي کي علاج ڏنو 24 ڪلاڪن اندر 26 گوريون نياڻي کي کارائڻ لاءِ ڏنيون ويون، دوائن جي هيوي ڊوز ڏيڻ جي نتيجي ۾ معصوم نياڻي جي تڪليف ختم ته نه ٿي پر هوءَ ويتر سخت تڪليف ۾ هلي وئي، جڏهن سندس جسم تي ڪارا داغ ٿي ويا ۽ سندس چمڙي ائين سڙڻ لڳي ڄڻ کيس ڪنهن باهه ڏئي ڇڏي هجي، نياڻي جو والد روئيندو پٽيندو ان ڊاڪٽر وٽ پهتو ته ڊاڪٽر ائين چئي کيس واپس ڪيو ته هو آليا جو وڃي ڪنهن چمبڙي جي ڊاڪٽر وٽان علاج ڪرائي.

مون کي ان نياڻي جي حالت ڏسندي اکين ۾ ڳوڙها پئي آيا، مون سوچيو پئي ته ان نياڻي جي حالت ڏسڻ کان پوءِ به ڇا اهڙي لاپرواهه ڊاڪٽرن کي جن نياڻي کي وڌيڪ تڪليف ۾ اماڻي ڇڏيو، اڃا به ميسحا واري نالي سان سڏي سگهجي ٿو.؟؟ هڪ طرف ته سڌريل ملڪن ۾ حڪومتون ماڻهن کي مفت ۾ صحت جون بهترين سهولتون ڏئي رهيون آهن، جديد طريقي سان ماڻهن جو بهترين علاج ڪيو پيو وڃي، حڪومتون فرض سمجهي ماڻهن کي صحت جي سهولت ڏئي رهيون آهن، اسان وٽ ته سرڪاري ڊاڪٽر پنهنجون پرائيويٽ ڪلينڪون هلائي رهيا آهن، انهن ۾ ايندڙ مريضن کان وڏيون وڏيون فيسون وٺي ماڻهن جو ڪجهه بهتر طريقي سان علاج ڪيو وڃي ٿو، پر اهي سرڪاري اسپتالن جن جي ڪرسين تي ويهي ساڳيا ئي اهي ڊاڪٽر جيڪي پنهنجن پرائيويٽ اسپتالن ۾ بهتر نموني مريضن کي ڏسن ٿا، سرڪار کان پگهار جي مد ۾ وڏي رقم وٺن ٿا، پر اتي مريضن جو علاج ائين ڪن ٿا، ڄڻ هو سرڪاري اسپتال ۾ مريض تي وڏو ٿورا ڪندا هجن، ان وقت کانئن اها ڳالهه وسري ويندي آهي ته هو سرڪار کان لکين روپيا وٺي رهيا آهن، مريضن جو علاج ڪرڻ سندن ڊيوٽي ۾ شامل آهي.

وري حڪومت جي به رويي تي افسوس ٿو ٿئي، ڇو ته ايترين دانهن جي باوجود به سرڪار تحرڪ ۾ نٿي اچي، توڙي جو سرڪاري خزاني مان ڊاڪٽرن کي هر مهيني وڏي رقم جاري ٿئي ٿي، حڪومت جو به فرض ٿو ٿئي ته اها انهن ڊاڪٽرن جيڪي سرڪار کان هر مهيني لکين روپيا پگهار کڻن ٿا انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري کين پابند بنايو وڃي ته اهي سرڪاري اسپتالن ۾ ايندڙ غريب مريضن جو بهتر علاج ڪن ۽ ڪروڙين روپيا بجيٽ رکندڙ اسپتالن جي حالت سڌاري مريضن کي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ دوائن جي گهرج بهتر نموني پوري ڪرڻ به حڪومت جو ئي فرض آهي، پر اهڙي اميد رکڻ ڄڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر ٿي لڳي، هتي انسانن جي زندگين سان کيڏيو وڃي ٿو، جنهن جو ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو ناهي، اسان جي اپيل آهي ته خدارا انسانن جي زندگين سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.