ننڍين اسپتالن ۾ طبي اوزارن کي جراثيمن کان بچاءُ لاءِ ڪو نظام ناهي: مقرر

ڪراچي (پ ر ) صحت جي ملڪي ۽ بين الاقوامي ماهرن چيو آهي ته پاڪستان جي ننڍين اسپتالن ۾ طبي اوزارن  کي جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ جو نظام موجود ناهي، نه وري انهن طبي اوزارن کي انفيڪشن جي اثرن کان بچائڻ لاءِ ڪنهن طريقي جي ڄاڻ آهي، هنن چيو ته طبي اوزارن کي جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ ماحول کي صاف رکڻ انتهائي اهم آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي اوجها ڪيمپس ۾ ”ڪليننگ اينڊ اسٽرلائزيشن پراسيس ان هيلٿ ڪيئر فيسيليٽيز “ جي عنوان سان منعقد ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي مقررن ڊائو يونيورسٽي جي پروائس چانسلر پروفيسر زرناز واحد، انڊياس شائندر، مسز پيٽر البونٽ هيڊ آف ڪيلنڪل اڪيڊمي، شوڪت علي ۽ محمد رضوان ڪيو، سيمينار ۾ شهر جي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن جي 300 کان وڌيڪ اسٽاف کي دعوتون ڏنيون ويون، سيمينار ۾ ماهرن وڌيڪ چيو ته هيلٿ ڪيئر ۾ اسٽرلائزيشن سروسز جو سرجري ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي، اسپتال ۾ ٻيهر استعمال ٿيندڙ طبي اوزار انهي ڊپارٽمينٽ ۾ ري پروسس ٿيندا آهن، جنهن کي ايس ايس ڊي چيو ويندو آهي، ڪنهن به اسپتال ۾ ٿيندڙ تمام سرجري جو دارو مدار ان طبي اوزارن تي هوندو آهي، انهي لاءِ  اڄ سيمينار منعقد ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.